دادلغاري لڳ پئسن تان ڪهاڙيون هڻي نوجوان قتل، جوابدار گرفتار

دادلغاري (رپورٽ:امجد لغاري)دادلغاري يارو لنڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ دوست محمد لنڊ ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي جي مامري تان ڪهاڙيون هڻي نوجوان کي پنهنجي برادري جي نوجوان بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو, علائقي واسين قتل ڪندڙ جوابدار کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي يارو لنڊ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو,نوجوان جي مڙھ گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو,واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو,خبرموجب دادلغاري يارولنڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ دوست محمد لنڊ ۾ ڳوٺاڻو نظام الدين لنڊ پنهنجي زمين تي بيٺل هو ته جوابدار سونو لنڊ ڪهاڙين سان حملو ڪري 35 سالا نوجوان کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو رڙين تي پاڙي وارا پهچي زخمي نوجوان کي کڻي وڃي رهيا هئا ته نوجوان زخمن جا سور نه سهندي يارو لنڊ شهر ۾ فوت ٿي جڏهن ته  نظام دين لنڊ کي قتل ڪندڙ جوابدار سونو لنڊ کي ڳوٺاڻن ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي يارو لنڊ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو,هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آھن ته سونو لنڊ پئسا نه ڏيڻ تي نوجوان نظام دين لنڊ کي ڪهاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيو آھي ٻي طرف رابطو ڪرڻ تي يارو لنڊ پوليس ٻڌايوته جوابدار سونو لنڊ جو دماغي توازن خراب آھي.  جنهن نوجوان کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪيو آھي جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.