ميروخان ڀرسان ماريل ٻن معصوم سئوٽن جي تدفين

ميروخان (ن ع آ ) گذريل رات دير سان نامعلوم ڦورو هٿياربندن جي حملي ۾ مارجي ويل ٻن معصوم سئوٽن 7 ورهين جي شڪيل  بروهي ۽ 10 ورهين جي  الهورايو بروهي جي اباڻي ڳوٺ شيردل بروهي ڀرسان سنگ مقام قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي آهي . جڏهن ته هڪ ئي وقت ٻن معصوم ٻارڙن جا جنازا گهران کڻڻ مهل سندن جون امڙيون بيهوش ٿي ويون ۽ هر اک آلي ٿي وئي . ۽ ڳوٺ شيردل بروهي ۾ معصومن جي ادا ڪيل جنازي نماز ۾ بلوچستان جي اڳوڻي صوبائي وزير عبدالغفور لهڙي سميت ھزارين ماڻهن شرڪت ڪئي آهي . مقتول الله ورايو بروهي جي پيء ممتاز بروهي صحافين کي ٻڌايو ته گذريل  رات موٽرسائيڪل تي ميروخان کان پنهنجي ٻن پٽ ۽ ڀائٽي سان گڏ ڳوٺ اچي رهيا هياسين ته ڳوٺ نئون ٺارو وڌو ٻاهران هٿياربندن فائرنگ ڪئي جنهن ۾ معصوم پٽ الله ورايو بروهي ۽ ڀائيٽو شڪيل بروهي شهيد ٿي ويا آهن ۔ هن وڌيڪ چيو ته منهنجي ڪنهن سان به دشمني ناهي اعلي اختياريون نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.