سجاول جي ٽائون عملي کي پگهارون نه مليون، هڙتال

سجاول ( ڊ ر) ميرپوربٺورو ٽائون ڪاميٽي جي صفائي عملي جي ڪچن ملازمن ٻن مهينن جون پگهارون نه ملڻ تي ڪالهه ٻئين  ڏينهن به اڌ ڏينهن تائين ڪم ڇڏ هڙتال جاري رکندي صفائي وارو ڪم بند رکيو جنهن بعد ٽائون ڪاميٽي انتظاميا کين اڄ پگهارون جاري ڪرڻ جو واعدو ڪري ڪم ڇڏ هڙتال ختم ڪرائي ڇڏي ٻئي طرف ٻن ڏينهن کان صفائي وارو ڪم ڪار بند ھئڻ سبب سموري شهر ۾ گند ڪچري جا ڍير گڏ ٿي ويا آهن جڏهن ته شھر جي مکيه علائقي ڊاڪٽرز گلي ۾ گٽر نالو پلٽجڻ سبب بدبودار پاڻي رستي تي بيھي ويو آهي ٻئي طرف ٽائون ڪاميٽي آفيس اڳيان به مين روڊ تي گند ڪچري جو وڏو ڍير پيل آهي ،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.