ڏوڪري لڳ برسات متاثر خاندان بي يارو مددگار بڻيل

ڏوڪري )ت ر) موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ جکرا  ۾ برساتن دوران گهر جي ڀت ڪرڻ سبب فوت ٿي ويل معصوم نينگري دعا سولنگي  ۽ سندس چاچي پنهل سولنگي جو خاندان درد جو داستان بڻجي ويو آهي گهر ۾ مفلسي جو عالم آهي متاثر خاندان اڄ به  کليل آسمان هيٺ ويٺل آھي چونڊيل نمائيندن توڙي سنڌ حڪومت پاران ڪا به مالي مدد نه ڪئي وئي آهي  هڪ مهينو اڳ تيز برسات ۾ ڀت ڪري پوڻ سبب هڪ ئي گهر جا 2 ڀاتي 6 مهينن جي معصوم ٻارڙي دعا سولنگي ۽ سندس چاچو محمد پنهل سولنگي فوت ٿي ويا هئا . جڏھن ته واقعي ۾ چار گهر ڀاتي ٻارڙي تسليم سولنگي افسانه سولنگي، بشير سولنگي الطاف سولنگي سخت زخمي ٿي پيا هئا سرڪار پاران سار نه لهڻ سبب متاثر خاندان زخمين جو علاج نه ڪرائي سگهيو آهي جنهن ڪري 2 گهر ڀاتي تسليم سولنگي ۽ الطاف سولنگي ڄنگهون ٻانهون پاسراٽيون ڀڄي پوڻ  سبب معذور بڻجي گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويا آهن هڪ کٽ تي پيل آهن . هوڏانهن متاثر خاندان واهر نه ٿيڻ خلاف ميڊيا جي نمائندن آڏو احتجاج ڪيو آهي ڳوٺاڻي بشير احمد سولنگي ۽ ٻين ٻڌايو ته برساتن دوران گهر جي ڀت ڪرڻ سبب اسان جا 2 گهر ڀاتي فوت ٿي ويا جڏهن ته 4 گهر ڀاتي زخمي ٿي پيا  ٻن گهر ڀاتين جون ڄنگهون ٻانهون ڀڄي پيون آھن ۽ مٿي ۾ به ڌڪ لڳل آھن پر غربت سبب سندن علاج نه ڪرائي سگهيا آهيون جنهن ڪري هو معذور بڻجي ويا آهن گهمڻ ڦرڻ کان لاچار آھن چونڊيل نمائندن سميت اسان جي ڪنهن به واهر نه ڪئي آهي اڄ به کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون  اسان پ پ چئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير سيد مراد علي شاه چونڊيل نمائيندن توڙي سرندي وارن کي اپيل ڪيون ٿا ته  زخمين جي علاج ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي ۽ ڊٿل گهر جي ڇت وجهرائي ڏني وڃي  جيئن سردي جي موسم  پنهنجي معصوم ٻارڙن ۽  پاڻ کي ٿڌ کان بچائي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.