ٻهراڙي جي عورت جي مضبوط ٿيڻ سان ملڪ مضبوط ٿيندو: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(رپورٽر) سياسي، سماجي پارٽين جي اڳواڻن ۽ دانشورن چيو آهي ته ٻهراڙي جي عورت جي مضبوط ٿيڻ سان سڄو ملڪ  مضبوط ٿيندو، ٻهراڙين ۾ نياڻين کي وڌ کان وڌ تعليم ڏياري سندن آواز کي سگهارو بنائي سگهجي ٿو. سماجي تنظيم ايم ڊي ايف پاران ٻهراڙي جي عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ جي ٻهراڙي جي عورتن کي گهرجي ته پنهنجن نياڻين کي وڌ کان وڌ تعليم ڏيارين، سٺي تعليم ڏيارڻ سان ئي ٻهراڙين جي عورت پنهنجن حقن لاءِ بهتر نموني آواز اٿاري سگهي ٿي. هن چيو ته بدي جي رشتي ٿيڻ سان عورت جا حق غضب ٿين ٿا، تنهن ڪري عورتن کي بدي ۾ ڏيڻ وارو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڳوٺاڻي عورت جي مضبوط ٿيڻ سان سڄو پاڪستان مضبوط ٿيندو. نامياري ليکڪ ذوالفقار هاليپوٽو چيو ته ٻهراڙي جي عورت تمام وڏي عذاب واري زندگي گذاري رهي آهي، عورتن کي گهرن اندر غلامي واري زندگي گذارڻي پوي ٿي. هن چيو ته ٻهراڙين جي عورتن جي غلامي واري زندگي مان جان آجي ڪرائڻي پوندي. تقريب کي سيڊا سان تعلق رکندڙ پرويز ٻانڀڻ، مصطفي راڄپر، امبر لغاري، زرعي ماهر اسماعيل ڪنڀر، ڪرن دائود پوٽو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٻهراڙي جي عورتن کي حق ڏيارڻ ۽ سندن حقن بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ ۾ سماجي تنظيم ايم ڊي ايف جو اهم ڪردار رهيو آهي. هنن چيو ته اڄ جي ٻهراڙي جي عورت کي پاڻي جي ورڇ سميت سماجي معاملن جي ڄاڻ آهي ۽ هو پنهنجو حق وٺڻ لاءِ ميدان عمل ۾ نڪري آيون آهن.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.