سجاول جي پورهيتن سان حادثو، 2 ڄڻا فوت، 2 زخمي

سجاول ( ڊ ر ) سجاول لڳ دڙي موري کان بلوچستان مزدوري تي ويندڙ پورهيتن جي گاڏي ڪوئيٽا لڳ ڪلٽي ٿيڻ سبب شهزور ۾ سوار دڙي موري جا 2 نوجوان صادق پٽ حميد موڙيو، شهزاد موڙيو فوت ٿي ويا آهن جڏهن  ته 22  سالا عبدالستار موڙيو سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، حادثي جو اطلاع ملڻ تي فوتي نوجوانن جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته فوتي نوجوانن جا لاش وصول ڪرڻ لاءِ  وارث بلوچستان طرف روانا ٿي ويا آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان  مزدوري خاطر بلوچستان وڃي رهيا هئا جيڪي حادثي جو شڪار ٿي ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.