وڳڻ لڳ ٻارڙو پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) وڳڻ انڊس هاءِ وي روڊ ڀرسان گهاڙي موري جو رهواسي ٻن سالن جو ٻارڙو شهزادو پٽ ممتاز مغيري راند کيڏندي گهر ڀرسان  پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي ويو جنهن کي گهر ڀاتين پاڻي مان ڪڍي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي جنهن دوران سندس وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا. ان موقعي تي ٻڏي فوت ٿيل ٻارڙي جي پيءُ ممتاز علي مغيري ٻڌايو ته منهنجو معصوم پٽ راند کيڏندي گهر ڀرسان پاڻي جي کڏ ۾ ڪِري ٻڏي ويو جنهن کي اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن سندس جي موت جي تصديق ڪئي آهي.  هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي ٻارڙي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.