آڪٽوبر مهيني جي چونڊ ۽ گجرانوالا جو دنگل

گل مورو

آڪٽوبر مهينو هونئن ته پورهيت انقلاب جي حوالي سان دنيا جهان ۾ سڃاتو ۽ ياد ڪيو وڃي ٿو پر پاڪستان ۾ آڪٽوبر مهيني جي تاريخ ماضي بعيد کان وٺي سياسي حوالي سان چڱي ناهي رهي ڇو ته هن ئي آڪٽوبر مهيني ۾ جيڪا به تحريڪ يا تبديلي آئي آهي اها آمريت يا نيم جمهوريت روپ هجي يا وري ملاکڙي جو بنياد هجي ان جي شروعات به هن ئي مهيني کان ٿيندي رهي آهي. هن ڀيري اپوزيشن خاص طور تي گُجرن جي شهر گجرانوالا جي چونڊ ڪري گُامان پهلوانن ۽ ڀولو پهلوانن جي وچ ۾ ميدان سجايو ويو آهي ڏسجي ته اهو مقابلو ڪير کٽي ٿو ۽ ڪير هارائي ٿو.

تاريخي طور تي ڏٺو وڃي ته گُجرن جي خاندان سان چوڌري برادران جو تعلق آهي جڏهن ته رائيونڊ جي راڻن ميان نوازشريف ۽ سندس خاندان جو تعلق ڀولو پهلوانن جي خاندان سان رهيو آهي. سو هن ڀيري آڪٽوبر مهيني جو انتخاب ڪهڙي مقصد ڪارڻ ڪيو ويو آهي جيڪو ڪهڙا نتيجا نڪرندا. ان حوالي سان ٿورڙو آڪٽوبر جي ماضي بعيد جي پاڪستان جي سياسي تاريخ تي نظر وجهڻ به ضروري آهي.

ڏٺو وڃي ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي انڊيا جي فوج پهريون ڀيرو ڪشمير ۾ داخل ٿي هئي جڏهن ته پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان به هن ئي آڪٽوبر 1895ع ۾ جنم ورتو هو ۽ پاڪستان جو پهريون وزيراعظم بڻيو ۽ انهيءَ کي هن ئي آڪٽوبر مهيني جي 16 آڪٽوبر 1951ع ۾ قتل ڪيو ويو ۽ ان جي ٻئي ڏينهن تي 17 آڪٽوبر 1951ع تي ان جي جاءِ تي خواجه ناظم الدين کي ملڪ جو وزيراعظم ۽ ملڪ غلام محمد کي گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو. 24 آڪٽوبر تي گورنر جنرل غلام محمد پاڪستان جي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ پهريون پيڙهه جو پٿر رکيو ۽ 6 آڪٽوبر 1955ع تي هن ئي جنرل غلام محمد کان زبردستي استعيفيٰ وٺي کيس گهر ڀيڙو ڪري ان جي جاءِ تي اسڪندر مرزا کي آندو ويو.

اڃا ٿورا ئي ڏينهن گذريا ته پهرين آڪٽوبر 1956ع تي عوامي دٻاءُ سبب قومي اسيمبليءَ ۾ مشرقي ۽ مغربي پاڪستان ۾ هڪ ئي وقت اليڪشن ڪرائڻ وارو بل پاس ڪرايو ويو اڃا انهيءَ بل کي گهڻو وقت گذريو ئي ڪو نه هو ته 7 آڪٽوبر 1958 يعني ٻن سالن بعد اسڪندر مرزا ملڪ اندر پهرين مارشلا جو اعلان ڪري 1956ع جو آئين معطل ڪري ايوب خان کي مارشلا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ۽ فيروز خان ان کي معطل ڪري قومي صوبائي اسيمبلي ٽوڙي چونڊيل ميمبرن کي گهر روانو ڪيو ويو. اسڪندر مرزا سمورين سياسي جماعتن کي معطل ڪري ايوب خان کي وزيراعظم بڻايو. 24 آڪٽوبر تي اسڪندر مرزا ايوب خان کي حلف کڻايو ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ 27 آڪٽوبر تي جنرل ايوب خان اسڪندر مرزا کي هٽائي خود صدر بڻجي ويو. اهڙيءَ ريت 26 آڪٽوبر 1959ع تي صدر ايوب خان بنيادي جمهوريت جو راڳ رچائي بي ڊي ميمبر سڄي ملڪ مان چونڊرائي پاڻ کي فيلڊ مارشل صدر بڻائي ڇڏيو.

ملڪ اندر ڏٺو وڃي ته اهي حادثا هر وقت ٿيندا رهيا ۽ اهڙي ريت 22  آڪٽوبر 1964ع تي خواجه ناظم الدين ڍاڪا ۾ فوت ٿي ويو. 28 آڪٽوبر 1972 تي صدر پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽي ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح ڪيو. 16 آڪٽوبر 1979 تي ذوالفقار علي ڀٽي پاران مقرر ڪيل آرمي چيف جنرل ضياءَ سڄي ملڪ ۾ مارشل لا مڙهي 11 سالن تائين پنهنجو آمريتي راڄ برقرار رکيو، سياسي جماعتن تي پابنديون مڙهيون ويون، ميڊيا تي من گهڙت الزام هنيا ويا. هن آمريتي راڄ دوران سنڌ اندر ڪيترن ئي ڪونڌرن کي ايم آر ڊي دوران شهيد ڪيو ويو.  اهڙي ئي آمريتي راڄ کي قائم رکڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي اشاري تي 6 آڪٽوبر 1988ع دوران آءِ جي آءِ جوڙيو ويو ۽ ملڪ اندر رات جي پيٽ ۾ الڪيشن دوران خالي پيٽيون ووٽن سان ڀرجي ويون اها جڙتو ۽ وڏي پئماني تي دنيا اندر شايد پهرين ڌانڌلي هئي جيڪا مرحوم غلام مصطفيٰ جتوئي هٿان نگران وزيراعظم دوران ڪرائي وئي. جڏهن غلام مصطفيٰ خان جتوئي کي اهڙي وڏي ڌانڌلي ڪرائڻ جي باوجود وزيراعظم نه چونڊيو ويو ته ان پنهنجي ئي حياتي ۾ اهو انڪشاف ڪيو هو ته مڪي پاڪ ۾ ساڻس قسم کنيو ويو هو پر پوءِ به کيس وزيراعظم نه بڻايو ويو ۽ انهيءَ آءِ جي آءِ واري اتحاد 24 آڪٽوبر 1990 دوران ٿيل چونڊن ۾ 106 سيٽون حاصل ڪيون هيون جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ پي ڊي اي جنهن ۾ پ پ ۽ ٻيون جماعتون شامل هيون انهن سڄي ملڪ اندر صرف 45 سيٽون حاصل ڪيون ۽ وڏي پئماني تي انهيءَ اليڪشن دوران آءِ جي آءِ کي اليڪشن ۾ مڃتا ڏياري وئي. اهو سڀ ڪجهه اشاري طور ٿيندو رهيو ۽ وزيراعظم ميان نوازشريف کي بڻايو ويو. پر 6 آڪٽوبر 1993ع تي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ اندر چونڊون ڪرايون ويون جنهن ۾ پ پ 88، ن ليگ 72 سيٽون حاصل ڪيون.

19 آڪٽوبر 1993 تي بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعظم بڻي. هن ئي آڪٽوبر واري مهيني 12 آڪٽوبر 1999ع تي پرويز مشرف وزيراعظم نواز شريف کي هٽائي ملڪ ۾ مارشل لا مڙهي ڇڏي. آڪٽوبر 2002 ۾ پرويز مشرف عوامي ۽ سياسي دٻاءَ سبب چونڊون ڪرايون جنهن ۾ قائد ليگ اوچتو ڪبوتر جيان اڏامي فرشتن جي مدد سان سڄي ملڪ ۾ 126 سيٽون ٻهاري وئي ۽ انهيءَ اليڪشن ۾ پ پ کي صرف 81 سيٽون حاصل ٿيون ۽ ن ليگ ڪيتري وقت تائين سياست کان ٻاهر رهي. پرويز مشرف جي انهيءَ دور ۾ نوازشريف جيل جون سزائون کائي رهيو هو جڏهن ته مولانا فضل الرحمان ايم ايم اي جي امامت سنڀالي پاڻ انهيءَ اليڪشن ۾ 63 سيٽون حاصل ڪري سڄي خدائي خلق کي حيران ڪري ڇڏيو هو ته ان کي عوام هيڏو لاڀ ڇو ڏنو آهي آخر هن جون ڪهڙيون خدمتون آهن.

انهيءَ اليڪشن ۾ مير ظفرالله جمالي کي ملڪ جو وزيراعظم بڻايو ويو. آڪٽوبر 2010 ۾ پرويز مشرف پنهنجي پارٽي آل پاڪستان مسلم ليگ به جوڙي ورتي جيڪا هن وقت تائين هڪ به سيٽ حاصل ناهي ڪري سگهي پر سندس اثر ۽ سندس همنوائن جو ٽولو اڄ به وڏي حيثيت ۽ اهميت رکي ٿو ڇو ته ان جو تعلق ملڪي اسٽيبلشمينٽ سان هميشهه کان وٺي واڳيل رهيو آهي. هن ئي آڪٽوبر مهيني ۾ ملڪي ڪپتان اشارن تحت احتجاج جو بنياد ۽ ايوان اقتدار ۾ شامل ٿيڻ جو خواب ڏٺو هو جو 30 آڪٽوبر 2011 تي لاهور ۾ احتجاجي جلسو ڪيو ويو ۽ پي ٽي آءِ جي پرچار وڏي پئماني سان شروع ڪئي وئي هئي ان ريليءَ سبب ئي ڪپتان عمران خان سڄي ملڪ ۾ مقبوليت حاصل ڪئي هئي يا وري ڏياري وئي هئي.

نيٺ 2018 ۾ کيس وزيراعظم منتخب ڪيو ويو. ان حڪومت خلاف مولانا فضل الرحمان هن ئي مهيني ۾ لانگ مارچ وفاقي راڄڌاني ڏانهن ڪيو هو پر کيس چوڌرين اڃا تائين سندس چواڻي امانت ناهي موٽائي ڏني. انهيءَ ڏينهن يعني 30 آڪٽوبر 2019 تي به مينار پاڪستان لاهور ۾ هن ميدان سجايو هو ۽ شروع کان وٺي اپوزيشن کي جاڳائڻ ۾ مُک ڪردار سندس ئي ليکيو وڃي پيو سو هي آڪٽوبر مهينو سياسي تاريخ جي حوالي سان هلچل پيدا ڪرڻ ۽ تبديليون آڻڻ وارو ئي مهينو ثابت ٿيندو رهيو آهي ۽ هن ئي مهيني ۾ اپوزيشن جي 11 پارٽين پي ڊي ايم جنهن ۾ پ پ، ن ليگ، جي يو آءِ ۽ ان کان علاوهه ٻيون ننڍيون وڏيون پارٽيون احتجاج جو بنياد رکي چڪيون آهن ان جو پهريون جلوو گجرن جي شهر گجرانوالا ۾ اڄ 16 آڪٽوبر تي ٿيڻ وارو آهي جنهن جون تياريون به مڪمل ٿي چڪيون آهن.

گجرانوالا کان وٺي پنجاب جي هر شهر ۾ اپوزيشن جي احتجاجي خوف کان ڊڄي ڪري سرڪار پاران رنڊڪون وجهڻ ۽ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ ۽ گرفتارين جو سلسلو وڏي پئماني سان شروع ڪرڻ مان واضح ٿئي ٿو ته هي آڪٽوبر وارو مهينو ڪا نه ڪا تبديلي ضرور آڻي رهيو آهي جنهن جي ڪري اپوزيشن ميان نوازشريف کان وٺي بلاول تائين فضل الرحمان کان وٺي اختر مينگل تائين سمورين پارٽين جي اڳواڻ پر اعتماد ٿي ڪري بار بار چئي رهيا آهن ته ڊسمبر تائين پي ٽي آءِ جو هي ڍانچو ڊانواڊول ٿي ويندو. حقيقت ۾ گجرانوالا جي گامان پهلوانن ۽ لاهور جي ڀولو پهلوانن وچ ۾ هي دنگل ڏسڻ وٽان هوندو. ڏسجي ته هي دنگل ڪير کٽي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.