تاريخي رستي”جي ٽي روڊ“ گجرانوالا ۾ پي ڊي ايم جو احتجاج !

دوست حفيظ چنا

گڏيل اپوزيشن پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (PDM) جو پهريون دنگل 16 آڪٽوبر (اڄ) کان  پنجاب جي شهر گجرانوالا کان شروع ٿي رهيو آهي. جڏهن ته ٻيو ميدان ڪراچيءَ ۾ 18 آڪٽوبر تي تيار ٿي رهيو آهي .

گجرانوالا،  جي ٽي روڊ  جو اهو شهر آهي جنهن جي تاريخ ماضي ۾ اهڙن دنگلن سان ڀري پئي آهي، ننڍي کنڊ تي جيترا به حملا ٿيا اهي جي ٽي روڊ جي رستي ٿيا، سڀ حملا آور جي ٽي روڊ جو رستو اختيار ڪندا، لاهور کي فتح ڪندا دهليءَ تي پنهنجو ڊيرو ڄمائيندا هئا ۽ اتان بري صغير جي سلطنت هلايائون، ان ۾ ڪيترائي اڳرائي ڪندڙ لاهور کان اڳ گجرانوالا، گجرات ۽ جهلم کان شڪست کائي واپس هليا ويا ته ڪي هتان فاتح ٿي دهليءَ جا تخت نشين ٿيا، سڪندر مقدوني جيڪو سڪندر اعظم جي نالي سان مشهور هو ، ان سان پنجاب جي هيرو راجا پورس مهاڏو اٽڪايو، راجا پورس ان لڙائي ۾ سڪندر مقدوني کي ڳالهين وسيلي واپس ٿيڻ تي مجبور ڪيو، اها ته آهي “جي ٽي” روڊ جي دنگلن جي مختصر ڪهاڻي .

اڄ پاڪستان جي سڀني اپوزيشن جماعتن جو وڏو احتجاج ۽ دنگل وري ان جي ٽي روڊ تي شروع ٿيو آهي،  ڇا اپوزيشن جو اتحاد عمران حڪومت جو تختو اونڌو ڪري سگهندو ؟ 16 آڪٽوبر کان اپوزيشن روڊن تي آهي پر هن احتجاج جو مقصد ڇا آهي؟ ڇا اپوزيشن پنهنجي ڪرپشن ۽ ڪارا ڪرتوت لڪائڻ لاءِ اهو حڪومت تي دٻاءُ هوندو يا عوام جي تڪليف به ان مقصد ۾ شامل هوندي ؟ مسلم ليگ (ن) ، پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ (ف) پي ٽي ايم جون بنيادي جماعتون آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت فيبروري ۾ پنهنجي اڌ مدو پورو ڪرڻ، يعني ٻه اڍائي سال مڪمل ڪري رهي آهي، هاڻي ڏسجي ته اپوزيشن هي تحريڪ مدو پورو ڪري ٿي يا اڌ مدو پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي.

موجوده پي ڊي ايم تحريڪ ۾ اپوزيشن جي ٻن وڏين جماعتن پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن مان مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان نواز شريف پنهنجو موءَقف واضح ڪري ڇڏيو آهي ته انهن جي جنگ موجوده حڪومت سان نه پر اسٽيبلشمنٽ سان آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو موقف هن وقت تائين واضح نه آهي، جنهن سان پيپلز پارٽي جي مقبوليت ۾ ڪمي آهي ۽ مسلم ن جو گراف وڌيو آهي، اي پي سي ۾ ميان نواز شريف اسٽيبلشمنٽ کي سڌو سنئون ٽارگيٽ ٺاهيندي چيو ته اسانجي جنگ عمران خان سان نه پر ان کي کڻي ايندڙن سان آهي، عمران خان کي کڻي ايندڙن وارو الزام اسٽيبلشمنٽ تي لڳندو آهي.

ٻئي طرف چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه هڪ وري ٻيهر چيو آهي ته فوج جو سياست سان ڪو به تعلق نه آهي ۽ اپوزيشن تحريڪ ۾ ڪابه فوجي رڪاوٽ پيدا نه ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، شايد اي پي سي ۾ نوازشريف جو واضح موقف ڪم ڏيکاري ويو آهي، اسٽيبلشمنٽ اهڙو فيصلو ان ڪري به ڪيو هوندو ته اپوزيشن جي تاڻيل بندوق جو رخ  اداري طرفان سياسي حڪومت طرف ئي هجي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄوڪي جلسي ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو پڻ پنهنجو موقف واضح ڪندو، پي ٽي آءِ  حڪومت گجرانوالا جلسي کان ٻه ڏينهن اڳ پنجاب پوليس هٿان ڪريڪڊائون شروع ڪري ڏنو هئو، مسلم ن ۽ پ پ جا ڪيترائي ڪارڪن گرفتار پڻ ڪيا ويا آهن ۽ نوازشريف جي گهر جاتي عمره جي آسپاس رڪاوٽون پڻ شروع ڪري ڏنيو آهن، ڏسجي ته اپوزيشن جو پهريون دنگل ڪيترو ڪامياب ٿو وڃي.

گجرانوالا،  اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ خرم دستگير جو گهر آهي ۽ گجرانوالا کي مسلم ليگ (ن) جو قلعو سمجهيو وڃي ٿو. اهڙي پسمنظر ۾ هي جلسو ڪامياب ٿي سگهي ٿي، ٻئي طرف ملڪ ۾ احتساب جو عمل اڃان وڌيڪ تيز ٿي ويو آهي، اڳ ۾ صرف پ پ  ۽ مسلم ليگ (ن) کي نشانو بڻايو ويو پر هاڻي مولانا فضل الرحمان به نيب جي ريڊار تي آهي. تنهنڪري ٽنهي جو ساڳيو مسئلو آهي.

ڇا نواز شريف جمهوريت ۽ آئين جي بالا دستي يا خانداني طاقت لاءِ وڙهي رهيو آهي؟  سندس مداحن جو چوڻ آهي ته تاريخ جي انهيءَ موقعي تي عزم جو جھنڊو ۽ آزادي جي سوچ جو بيان ميان صاحب جي هٿ ۾ آهي،  ميان صاحب جو ماضي ته تضاد ۽ مفادن سان داغدار آهي ۽ انهن طاقتور ڌرين سان ڊيل ڪري وري ملڪ جي واڳ سنڀالي آ جيڪي اڄ ان جو ٽارگيٽ آهن .

ميان صاحب جي سياست جا اهڙا ٻه دور گذريا آهن، پهريون دور 12 آڪٽوبر 1999 تي ختم ٿيو. ڊيل ڪري ملڪ کان ٻاهر ويو ۽ جلاوطني جي خاتمي کان پوءِ وري ڊيل تحت ئي ملڪ جو وزيراعظم بڻيو، ان کان اڳ 1993ع ۾ صدر سميت عهدو ڇڏڻو پيو، هن وقت ميان صاحب ۾ تبديل نظر اچي ٿي هاڻي هو هڪ هوشيار ۽ پرعزم اڳواڻ جي حيثيت ۾ آڏو آيو آهي . ايئن پيو لڳي ته پهرين دور ۽ ٻئي دور ۾ هو  ايترو بالغ نه هو ۽ هو اسٽيبلشمنٽ جي بوٽن سان جڙيل هو ، هن وقت شايد ان جي شعوري پختگي جو دور آهي . جيڪڏهن ان ۾ حقيقت آهي ته تبديلي ضرور ايندي .

16 آڪٽوبر وارو پاور شو تبديلي تي ڪيترو اثر انداز ٿو ٿئي، حڪومت گوجرانوالا ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي جلسي کان اڳ، پنجاب جي مختلف شهرن ۾ مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جون گرفتاريون جاري آهن. ڇاپي کانپوءِ پوليس ۽ ضلعي انتظاميه ريلوي روڊ ۽ جاتي عمرا جي رستن تي ٽرڪ ۽ ڪنٽينر پارڪ ڪري ڇڏيا ، مختلف شهرن مان ن ليگ جي پوسٽر ، بينر ۽ پينافليڪس لاھڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي، بحرحال پي ٽي آءِ حڪومت ۽ طاقتور ڌريون پريشان آهن، ڏسجي ته اپوزيشن جي اها تحريڪ ڪيتري نتيجا خيز ثابت ٿئي ٿي ؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.