جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

سيد يار محمد شاهه

جهوني جوڳيءَ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ته “سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي هٿ چراند کي ته سنڌ جي قيادت ۽ سياست منع نامون ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، ۽ ممڪن آهي ته ڪجهه وقت جي لاءِ اهي ٻيٽ جن تي هينئر ڪنهن حد تائين خاموشيءَ ۾ اڏاوتون به ڪيون ويون آهن، ۽ وڌيڪ سيڙپڪاريءَ جون ڪوششون تيز ڪيون پيون وڃن، پر وفاق ۽ سنڌ جي وچ ۾ اهي ديسي اختلاف نه آهن، بلڪه اهي ولايتي اختلاف آهن، جن جو اصل مقصد انتهائي جيءُ جهوريندڙ آهي، امڙ سنڌ يا ملڪ پاڪستان پنهنجو وطن آهي، ۽ ان جي حفاظت بحيثيت پاڪستاني هر فرد جو فرض آهي، پر ملڪ پاڪستان ۾ هن وقت به غير ملڪي قوتن پنهنجي ايجنڊا کي ايترو ته ڪامياب ڪرايو آهي، جي اسان جو جسم جو رت ست نپوڙجيو ان سازشي لابيءَ جي ڪاروبار ۾ شامل ٿي رهيو آهي، اسان هاڻ سڀ ڪجهه ڏسندي سمجهندي ڄاڻندي به ڪجهه ڪري نه پيا سگهون، ڇو ته رهبري ۽ رهزني متحد آهن عوام کي ايذائڻ لاءِ، اها صدين جي سوچ چند سالن ۾ ختم ڪانه ٿيندي، اسان جي ملڪ ۽ سنڌ جي صورتحال معاشي طرح هر حال ۾ پاڻ کي بهتر بڻايو پئي اچي، جيڪا کوٽ کنڊ جي ۽ اٽي جي آهي، ان پورت ڪرڻ لاءِ ادارا جيڪا به حڪمت عملي ۽ اگهوتري طي ڪري ڪاروبار هلائي رهيا آهن، انهن تي ڪا روڪ ٽوڪ نه آهي، عوام ڪيڏي به معاشي بدحاليءَ جو شڪار هجي، پر ملڪ پاڪستان ۾ اڃان خدا نه ڪري اها صورتحال ڪٿي به نه آهي، ته ماڻهو مانيءَ ڳڀي نه ملڻ سبب بک وگهي پيا مرن، ۽ اهي ئي پئسا اندرون سنڌ ۾ وڏيرن تي باگڙي سيڙپڪاري ڪري، ڀاڄيون ۽ ميوا حاصل ڪندا رهندا آهن، هن وقت ۾ اسان جي اندروني ۽ بيروني حالتن تي ڪوبه ريڊيو اسٽيشن يا ٽي وي چينل حقيقي مسئلن جي موضوع تي ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، ان ڪري سواءِ نواز شريف جي ٻي ڪا ڳالهه اسان ماڻهن کي اڃان سمجهه ۾ نٿي اچي ۽ ذاتي مسئلا ۽ ملڪي سياست صرف نواز شريف ۾ ڦاٿل آهي.”

ڪامريڊ سليم چيو ته “عمران خان اڃان تائين جيڪو به قدم کنيو آهي، ان ۾ انهن کي عملي طرح رعايتون ملي رهيون آهن، ڳالهائڻ ٻولهائڻ جون آزاديون ملي رهيون آهن، صرف عمران خان پنهنجي تقرير جي جذباتي انداز ۾ ميان صاحب ۽ زرداري صاحب تي ڪڏهن ڪڏهن ڇوهه ڇنڊي ويندو آهي، ان ڪري لڳندو ايئن آهي ته ڄڻ هي پاڻ ۾ نه ٺهندا، پر کين ٺاهڻ ۽ ويڙهائڻ وارا پنهنجي مرضيءَ سان کين ٺاهيندا ۽ ويڙهائيندا آهن، عمران خان اڪيلو ڪردار آهي، جنهن جي خلاف هن وقت اسٽيبلشمنٽ وٽ ڪا شڪايت نه آهي، جن ساٿين جي باري ۾ به کيس ثبوت ۽ شڪايتون ملن ٿيون، ته هو انهن کي رعايتون ڏيڻ بدران قدم کڻيو، انصاف ڪرڻ ٿو چاهي، سندس دوست ۽ محسن جهانگير ترين هجي، يا ويٺل وزير هجن، هو سڀني کي منهن سامهون چوندو به آهي، پر هاڻ هن کي ان ڪرسيءَ جو احساس ٿي رهيو آهي، ته هيڏي شاندار ڪرسي تنهن تي ويهڻ لاءِ ترو نه آهي، بلڪه ڪرسيءَ جي ٻانهن تي بيلنس رکي، ساهه مٺ ۾ ڪري، ويهڻو ٿو پوي، جي هٿ ڪڍبا ته ڪرسيءَ جي اندر ڪري پئبو، اهي سڀ ڳالهيون عمران خان سمجهي، سوچي هاڻ شطرنج جي کلاڙي واريون چالون برداشت ڪري، پاڻ به ان طرز عمل کي اختيار ڪندي، ادارن جي نئين حڪمت عمليءَ کي سمجهندي به پاڻ کي هر وقت ادارن سان گڏ رکڻ جو اعلان ڪري ٿو، ۽ هو واقعي پاڪستاني فوج ۽ ٻين ادارن کي ملڪ جي اهم ۽ عزت واري ضرورت سمجهندي ساٿ ڏيئي رهيو آهي، ۽ ادارن به مٿس جيڪو اعتماد رکي، اقتدار ۾ آندو آهي، عمران خان ڪنهن به طرح انهن جي اعتماد کي ڇيهو نه رسايو آهي، بلڪه جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪرپشن، بي انصافي، من پسندي شامل آهي، تنهن ۾ بشير ميمڻ واري بيان عمران خان کي هن ٽائيم تي جن قوتن اهو چارٽ شيٽ ڏياريو آهي، انهن جي رويي مان ئي بااختيار ادارن جي نيت ۽ نظرئي جي خبر پئجي ويئي آهي، پر عمران خان ڏسجو ته ڪيئن ٿو پنج سال پورا ڪري.”

تڏهن مواليءَ چيو ته “ادا… هينئر پيپلز پارٽيءَ ۽ سنڌين تي جيڪا سازش جي ڄار اڇلڻي آهي، جنهن ۾ ڪراچي وفاق جي حوالي ڪري، باقي سنڌ کي گورنر راڄ سان هلائي،  اها سوچ ۽ عمل ڏيهي پرڏيهي سازشي ادارن جي طرفان اسان وٽ ڪافي وقت کان ڪم ڪري، اسان کي مڃرائي به رهيا آهن، ڪئين ثبوت ملڻ جي باوجود به ڪي ڳرا قدم نه کڻڻ ۽ انهن ڪرپٽ قوتن کي وري رعايتون ڏيڻ ۽ ميدان ۾ آڻڻ وارن وٽ ٻيا ڪي مهرا موجود نه آهن، ۽ عمران خان جهڙا ٺاهڻ جا تجربه وڌيڪ ڪامياب نه ٿيا آهن، ان ڪري ساڳين بچيل پراڻن سان گڏجي جمهوريت کي جيئرو ڪري رکڻ لاءِ وري ٻئي قوتون  هڪ ٿي وڃڻ واريون آهن، عمران خان جو ڪو نيٽ ورڪ آهي، ۽ نه ڪو واهرو ورندس، بلاول کي ادارن جي طرفان اشارا ملن يا هو پنهنجي حالتن کي پاڻ لاءِ مستقبل جي وزيراعظم طور فٽ ڪري، وقت جي سياست کي سمجهندي اڳتي هلي رهيو آهي، سنڌ جي سياست جيڪڏهن ڏنڊي جي زور تي تبديليون آڻي، ننڍي مارشل لا طور آئين کي ڪجهه وقت لاءِ معطل ڪري، صرف سنڌ جي صورتحال هنگامي بنيادن تي تبديل ڪرڻ جي ٻاهرين سازش تيزيءَ سان اڳتي اچي ويئي آهي، ان لاءِ فوري طور تي سنڌ جي قوم پرستن ۽ ٻين کي گهرجي ته ان وفاقي سازشن کي منهن ڏيڻ لاءِ، ڪراچيءَ کي بچائڻ لاءِ، هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين، ۽ دفاعي قوت بنجي بيهن ته اندروني ۽ بيروني قوتن جو اهو سازشي معرڪو ناڪام ٿي سگهي ٿو، پر عمران خان جنهن جي لاءِ بلاول جو چوڻ آهي ته سليڪٽيڊ آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي، ۽ اها سليڪشن ۽ سادي شخص جي آهي، جنهن سان هن ملڪ جي سياست، اقتدار ۽ خارجه پاليسي نٿي هلائي سگهجي، جيئن ته عمران خان جيڪا به قوت هن ادارن کي ڏياري يا ڏني آهي، ان ۾ مسلسل اضافو به ٿي رهيو آهي، پر چين جهڙو عظيم ساٿي ۽ سي پيڪ جهڙو عظيم معاهدو، جيڪڏهن هينئر ٿڌو ٿي ويو آهي ۽ اڳتي هن کي ناڪام بنايو ويو، ته پوءِ سوچيو ته ڪنهن کي ڪنهن کي ڪيڏو ڪيڏو نقصان پوندو.”

تڏهن مون چيو ته “ادا… نقصان پوري قوم کي هر وقت وڌو پيو وڃي، اٽي جو اگهه، کنڊ جو اگهه، ڀاڄين جو اگهه ۽ گيس، بجليءَ جا بل ۽ ٻين سمورين مهانگائي کي منهن ڏيڻ لاءِ ماڻهن کي ڇا ڇا ٿو ڪرڻو پوي، جڏهن توهان روزگار بند پيا ڪريو، ادارا ختم پيا ڪريو، بيروزگاري وڌائڻ پيا چاهيو، ۽ عملي طريقي سان ملڪ اندر جيڪا بيروزگاري وڌي ٿي، ان کي روڪڻ جو ڪوبه پلان نه آهي، جيڪي به ادارا آهن، تن مان سوين ڪارڪنن جا ڪيس عدالتن ۾ پگهارن بابت هلي رهيا آهن، جن جو تدارڪ ڪرڻ وارو ڪوئي نه آهي، بلڪه هر اداري ۾ ڏنو پٽ ڇٽي جو آهي، ان ڪري هاڻ اسان کي اها جمهوريت ئي ڀانءِ ڪانه ٿي پوي، جنهن ۾ ساڳيا چهرا، ساڳيا ڊائلاگ کڻي، اسان جي ڳوٺن ۾ اچي، ساڳيا واعدا ۽ ساڳيون ڳالهيون ڪري، اسان کان وري ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا، اسان وٽ به اهي ئي اسان جا وڏا آهن، ۽ هڪڙا الله جي طرفان، ٻيا اقتدار جي طرفان نوازيل، اسان تي حڪمراني ڪندي، اسان جا آقا ٿيو ويٺا آهن، اسان سنڌ جي هن وقت ۾ ڪنهن به پارٽي يا قوت کي پنهنجي حقن جو واهرو يا ڌرتيءَ جو وارث قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون، جيڪي به آهن، جهڙا به آهن، تن جي هئڻ نه هئڻ سان سنڌ جي وجود ۽ سنڌي قوم جي بقا ۽ خوشحاليءَ تي ڪو بهتر اثر پوڻ بدران، هميشه ناڪاري اثر ٿيا آهن، ۽ هاڻ اهي اثر ايترا وڌي چڪا آهن، جو سنڌي قوم وٽ هر قوم پرست پارٽي يا پ پ وارن لاءِ ڪوبه تصوراتي اعتماد قائم نه آهي، بلڪه هڪ نئين خلا جنم ورتو آهي، هڪ نئين قيادت کي ڳولهي رهي آهي، ممڪن آهي ته اها قيادت جيڪا ادارن چونڊي به ڇڏي هوندي، تيار به ڪري ڇڏي هوندي ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ ان کي ظاهر به ڪيو ويندو،  سنڌ جي مالڪي مٽائڻ لاءِ هر ڏکيو قدم کڻي، بابا کي خوش ڪري، پ پ جو پتو ڪٽڻو آهي، پر سنڌي عوام ۽ پيپلز پارٽي جدا نه آهن، صرف پيپلز پارٽيءَ جي باني ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد راڻيءَ جو وجود، قرباني ۽ انهن جي هميشه ساڻن گڏ هئڻ جو احساس ئي اڄ به کين جيئي ڀٽو ۽ جيئي بينظير جي نعرن تي مجبور ڪري ٿو، ان جي عشق ۾ فائدو وٺڻ وارا وري به جي ويري واهرو ٿي وريا ته اسين انهيءَ عشق ۾ وري به انهن کي سيٽون هميشه پيا کٽرايو ڏينداسون، سنڌ حڪومت انهن جي هٿ ۾ ئي رهندي، باقي جيستائين بلاول جهڙو ٻيو ڪو سامهون تيار ٿئي، تيستائين مستقبل جو هٿيار ۽ ميڊيا ۽ سياست لاءِ نواز شريف کان پوءِ بلاول ۽ مريم کي ئي سياسي اداڪاريءَ لاءِ ٽي وي چينلن تي صبح شام ڏيکاريو ويندو، اڄ کان مخالفن جي تحريڪ وارو شو شروع ٿي چڪو آهي، هاڻ هي هفتو ميڊيا تي اهائي فلم ڏسڻي پوندي.”

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.