ٻيٽ ڳالهائين ٿا

سيد خدا ڏنو شاهه

جنرل پرويز مشرف جي دور کان وٺي سنڌ جي ٻن اهم ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ تي جديد شهر اڏڻ جا منصوبا سامھون اچي رھيا آهنن شروع وارن ڏينهن کان وٺي  ٻيٽن تي آباد ٻيٽن جا حقيقي وارث ماهيگير انهن ٻيٽن تي شهر اڏڻ جي مخالفت ڪندا پيا اچن سندن چوڻ آهي ته صدين کان وٺي ٻيٽ تمر جا ٻيلا ڪريڪز ڪنڌيون ڪنارا ريلون ڍورا سندن جياپي جو ذريعو آهن ان تي سندن موروثي حق آهي ٻيٽن جو علائقو تمر جا وڻ ٻيلا  مڇيءَ جي پيدائش جون نرسريون آهن جتي مڇيون آنيون ڏينديون آهن مڇي جي نسل جي افزائش  ٿئي ٿي ٻيٽن تي شهر اڏڻ سان مڇي جي پيدائش جي عمل ۾َ رخنو پوندو ۽ اسين پنهنجي مائيٽاڻي روزگار کان  هميشه لاءِ محروم ٿي وينداسين.

ٻيو ته اسان جا لنگهھ ۽ اچڻ وڃڻ بند ٿي ويندو، ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ تي پهچڻ لاءِ ڊفينس مرينا ڪلب کان رستو ٺاهيو ويندو جنهن سان ماهيگيرن جو اهم رستو ڪورنگي ڪريڪ کي بند ڪيو ويندو يا وري پل ٺاهي ويندي ان سان ڪورنگي ڪريڪ جو کلي سمنڊ يا وري ڪراچي بندر فشري ۽ بلوچستان ويندڙ ماهيگيرن جو رستو هميشه لاءِ  بند ٿي ويندو شهر اڏڻ سان سيڪورٽيءَ جو سبب ڄاڻائي ملاحن کي سامونڊي ڪنارن ڏنگي، ڀنڊاڙ جي آس پاس وڃڻ نه ڏنو ويندو جيئن ڊفينس مرينا ڪلب ۽ شهر ٺھڻ ڪري سيڪورٽي جو بهانو بڻائي گذري  بندر کي ختم ڪيو ويو، گذري ڪريڪ ۾ نه مڇي ماري سگهجي ٿي نه وري ڪناري سان ڪو هوڙو يا ٻيڙي وڃي سگهي ٿي، گذري بندر وارو ايريا هاڻي ملاحن لاءِ نو گو ايريا بڻجي ويو آهي، جڏهن ته هينئر شهر ٺھڻ کان اڳئي ڏنگي ٻيٽ تي قبضو ڪيو ويو آهي ماهيگيرن توڙي عام  ماڻهن جي اچ وڃ تي پابندي آهي ڏنگيءَ تي ملاحن کي رڇ گهورڻ به نٿو ڏنو وڃي ۽ ٻيٽ تي اڏاوتي ڪم پڻ شروع ٿي چڪو آهي ۽ فورس جا هٿيار بند ويٺا آهن، هن وقت ئي اهو حال آهي  شهر اڏڻَ کان پوءِ ملاحن سان ڪهڙي جٺ ٿيندي ان جو چٽو مثال گذري بندر آهي.

ٻيو مثال پورٽ قاسم آهي جنهن ملاحن جا لنگھه بند ڪري ڇڏيا آهن جنهن جو تفصيل اڳيان ايندو، ملاحن جي بنيادي انساني حقن کانسواء اهي ٻيٽ آبي ۽ جهنگلي جيوت جا مسڪن آهن،  اهي اٺن جا چراهه گاھ آهن  جتي هزارين اٺ موجود آهن جيڪي پڻ مقامي ماڻهن جي گذر جو وسيلو آهن سوين خاندانن جو روزگار اٺن جي پالنا سان ٿيندو آهي انهن ٻيٽن تي سامونڊي ديسي پکي سال جا ٻارهن مھينا موجود هجن ٿا، تمر جي ٻيلن ۾ آنا ڏيندا ۽ ٻچا پيدا ڪندا آهن آڪٽوبر جي مھيني ۾ ٿڌن ملڪن سائبريا وغيره مان لکن جي تعداد ۾ پرڏيھي پکي هنن  ٻيٽن تي اچي رهندا آهن سياري جي منڌ ختم ٿيڻ کانپوءِ واپس هليا وڃن ٿا، جھنگلي جانورن ۾ گدڙ انهن ٻيٽن تي جام آهن جيڪي مٺو پاڻي پيئڻ کانسواءِ به زنده رھي سگهن ٿا ڪجهھ ٻيٽن تي جهنگلي سھا به هوندا آهن مون پاڻ دبي جي هڪ ٻيٽ تي سھن جو شڪار ڪيو آهي انهن خصوصيتن جي ڪري رامسر ڪنوينشن تحت بين الا قوامي قانون ۽ رامسر معاهدي تحت ٻيٽن کي مڪمل تحفظ حاصل آهي ان عالمي قانون مطابق ٻيٽن تي ڪابه انساني آبادي نٿي ٺاهي سگهجي، ٻيٽن تي شهر اڏڻ رامسر معاهدي جي خلاف ورزي ۽ بين الا قوامي معاهدن جي کلي لتاڙ آهي.

ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي قبضي جي پهرين ڪوشش 2006 ۾ شروع ڪئي ويئي ٻنھي ٻيٽن تي شهر اڏڻ لاءِ  غير ملڪي سرمائيدارن سان معاهدا ڪيا ويا اها خبر جڏهن ملاحن کي پئي ته  هنن وڏا احتجاج ڪيا جيڪي پوءِ سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويا ۽ سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويئي انهن ڏينهن ۾ ڏنگي ٻيٽ تي محترم حاجي شفيح محمد ڄاموٽ ۽ فشر فوڪ فورم جي ميزبانيءَ هيٺ  سنڌ جي سڀني سڄاڻ ڌرين جو تاريخي ڪٺ ڪٺو ٿيو جنهن ۾ سڄي سنڌ جا سياستدان وڪيل اديب دانشور سول سوسائٽي راڄن جي چڱن مڙسن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري منصوبي کي رد ڪيو هو ان وقت به ساڳيا اعتراض هئا جيڪي هن وقت آهن ان تحريڪ جي نتيجي ۾  ان وقت جي سنڌ حڪومت فيصلو واپس ورتو هو ان کانپوءِ 2013 ۾ سنڌ حڪومت اهي ٻيٽ  ملڪ رياض کي ڏنا هئا ۽ اھڙو معاهدو ڪيو هو ته ٻيٽن جي زمين جي رقم مان اڌ حصو سنڌ حڪومت جو هوندو ۽ اڌ پورٽ قاسم اٿارٽي کي ملندو، پورٽ قاسم اٿارٽي 1973 کان وٺي انهن ٻيٽن تي پنهنجي مالڪي جو حق جتائيندي رھي آهي پورٽ قاسم ۽ سنڌ حڪومت جي 2013 واري ملڪ رياض سان ڪيل معاهدي خلاف به سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج ٿيو جنهن جي ڪري ان معاهدي تي عمل نه ٿي سگهيو، آخري ۽ سڀ کان خطرناڪ ڪوشش جو ڀانڊو تڏهن ڦاٽو جڏهن مهينو کن اڳ ملڪ رياض، سراج قاسم تيلي ۽ ٻين سرمائيدارن ملڪ جي صدر عارف علويءَ سان ملاقات ڪئي ۽ ٻيٽن تي شهر اڏڻ لاءِ قانون سازي ڪرڻ لاءِ گڏجاڻي  ڪئي هئي، ان گڏجاڻي جو اعلاميو به جاري ڪيو ويو ته ڀنڊاڙ تي جديد شهر ٺاھيو پيو وڃي جنهن ۾َ 50 ارب ڊالرن جي غير ملڪي سيڙپڪاري ٿيندي ۽ ماڻهن کي روزگار ملندو ان خبر سان هڪ دفعو وري ماحول گرم ٿي ويو آهي، ملاح تنظيمن ۽ سياسي پارٽين احتجاج به ڪيا آهن ٻيٽن جي حوالي سان تازو ئي ملڪ جي صدر هڪ تڪراري آرڊيننس  جاري ڪيو آهي ان آرڊيننس  تحت سنڌ بلوچستان جا سمورا ٻيٽ ھاڻي وفاق جي ملڪيت هوندا ان لاءِ آئيلينڊ ڊولپمنٽ اٿارٽي جوڙي وئي آهي جيڪا ٻيٽن تي اڇو ڪارو ڪرڻ لاءِ خود مختيار هوندي، اٿارٽيءَ جي چيرمين مقرر ڪرڻ لاءِ ڊان اخبار ۾َ اشتهار ڏنو ويو ته چيئرمين شپ جا اميدوار 15 آڪٽوبر تائين درخواستون ڏين 15 تاريخ کان پوءِ درخواستن جي  ڇند ڇاڻ ۽ اميدوارن جا انٽرويو ٿيڻا ھئا پر مقرر تاريخ کان اڳ چيئرمين مقرر ٿي ويو جنهن جو نالو به ميڊيا ۾ اچي ويو، تڪراري آرڊيننس  سامھون اچڻ سان سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي آرڊيننس  جاري ٿيڻ واري ڏينهن تي فشر فوڪ فورم، انڊيجئنيس رائٽس الائنس سنڌ، پائلر عورت فائونڊيشن ۽ مزدور اتحاد طرفان ساراوان هوٽل ۾ مشاورتي ڪٺ ڪوٺايو ويو جنهن ۾ سياسي پارٽين سول.سوسائٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ متفق طور تي صدارتي آرڊيننس  کي غير آئيني قرار ڏيندي رد ڪيو ويو اهو آرڊينيس سنڌ بلوچستان جي ساحل ۽ ٻيٽن تي وفاق جو حملو قرار ڏنو ويو آهي. (هلندڙ)

 

مٿي ڄاڻايل تنظيمن جي اشتراڪ سان سامونڊي ٻيٽ بچايو تحريڪ جوڙي ويئي ان تحريڪ 9 آڪٽوبر تي ابراهيم حيدري ۾َ راڄوڻي ڪٺ ڪوٺايو جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ملاحن شرڪت ڪئي ان ڪٺ ۾ ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ، جان عالم ڄاموٽ، سھيل شفيح محمد ڄاموٽ، سامونڊي ٻيٽ بچايو تحريڪ جو اڳواڻ سيد محمد علي شاهه، گل حسن ڪلمتي، ۽ مون سيد خدا ڏنو شاهه شرڪت ڪئي، ان ڪٺ ۾ ٻيٽ بچايو تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ 15 آڪٽوبر تي ابراهيم حيدري ڄاموٽ جيٽيءَ کان هوڙن ۽ لانچن جي ڀنڊاڙ ٻيٽ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي جلسو ڪيو ويندو، ريليءَ ۾ شرڪت لاءِ سنڌ جي گهڻگهرن کي دعوتون ڏنيون ويون آهن ان کان پوءِ ابراهيم حيدري کان گورنر هائوس تائين پيدل مارچ ڪيو ويندو جنهن جي تاريخ جو اعلان اتحادي تنظيمن جي مشاورت کانپوءِ ڪيو ويندو اهڙي طرح ٻيٽن جي مسئلي تي جيڪي به احتجاج ٿيندا انهن ۾َ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي.

هاڻي ٻيٽن جي قانوني ۽ آئيني پوزيشن جو جائزو ٿا وٺون جئين ته آئين جي آرٽيڪل 172 تحت ساموندي ڪنارا ٻيٽ صوبن جي ملڪيت  قرار ڏنل آهن ڪناري کان 12 ناٽيڪل ميل تائين صوبن جي حد آهي سنڌ جا سمورا ٻيٽ ان حد جي اندر آهن تنهنڪري وفاق قانوني طور تي انهن حدن ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي، ان حوالي سان ٻيٽن بابت جاري ڪيل آرڊيننس  غير آئيني آهي، صدر صاحب خود اهو آرڊيننس  جاري ڪري آئين جي خلاف ورزي ڪئي آهي  ان آرڊيننس  ۾ جيڪي اختيار ڏنا ويا آهن اهي بنيادي انساني حقن جي لتاڙ جي ذمري ۾ اچن ٿا، جئين ته هن آرڊيننس  جاري ٿيڻ کان اڳ ۾ چار جولائي تي حڪومت سنڌ جي لينڊ يوٽلائزيشن ڊپارٽمنٽ طرفان اينوسي جاري ڪئي وئي هئي جنهن ۾ وفاق کي ٻيٽن تي شهر اڏڻ جي اجازت ڏنل آهي، وفاق جي دعوا آهي ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت ناهن ته پوءِ سنڌ حڪومت کان اين اوسي ڇو ورتي ويئي هئي، اهو کلو تضاد آهي ۽ سنڌ جي صوبائي خود مختياريءَ ۾ وفاق جي مداخلت آهي انهن ٻيٽن جي اين اوسي ڏيڻ ۽ آرڊيننس   جاري ڪرڻ سان سنڌ حڪومت جي مفاد پرستي ۽ نالائڪي ثابت ٿئي ٿي، ان غير قانوني عمل ۾ وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت ۽ صدر پاڪستان برابر جا شريڪ آهن سڀني گڏجي آئين جي خلاف ورزي ڪئي آهي.

ٻي ڳالهھ ته ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي سميت 30 کن ٻيٽن تي 1973 کان وٺي پورٽ قاسم جي والار آهي پورٽ جي ناجائز والار واري ايريا ۾  ڏنگي، ڀنڊاڙ، مچڪ، شاهه حسن آئس لينڊ، سنڌ جو تاريخي قلعو رتو ڪوٽ، جاکي بندر، ماڙهي موراڙو، مُلاڻو ڪوٽ، ۽ ٻين ٻيٽن سميت سامونڊي ڪناري جي هزارين ايڪڙ زمين اچي وڃي ٿي، پورٽ قاسم اٿارٽي تمر جي ٻيٽن واري زمين تي تمرن جا ٻيلا ڪٽائي مٽي جي ڀرائي ڪري هڪ انڊسٽريل زون تعمير ڪرايو آهي ۽ وڌيڪ سامونڊي ٻيٽن واري زمين تي 17 جيٽيون  بڻايون ويون آهن جن ۾ ڪنٽينر ٽرمينل ڪول آئل گيس ۽ اينل جي ٽرمينل ٺاهيا ويا آهن، اهڙيءَ ريت هڪ اٿارٽيءَ جي موجودگيءَ ۾ ساڳئي زمين تي ٻئي اٿارٽي ٺاهي ويئي آهي، اهو عمل به غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، جئين ته مڇيءَ جي ڪاروبار کي ملڪي معشيت ۾ انڊسٽريل جو درجو مليل آهي سامونڊي ملاح سالانه هزارين ٽن مڇي مارين ٿا جيڪا پرڏيهھ ۾ ايڪسپورٽ ڪئي وڃي ٿي جنهن مان سالانه ارب ڊالر ڪمايا وڃن ٿا هن آرڊيننس  لاڳو ٿيڻ سان ماهيگيريءَ جي صنعت کي ڪاپاري ڌڪ رسندو ۽ ملڪي معشيت تي ناڪاري اثر پوندا ملاحن جو روزگار تباهه ٿي ويندو تنهن ڪري حڪومت پاڪستان کي گهرجي ته هن تڪراري غير آئيني آرڊيننس  کي واپس ورتو وڃي ۽  سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هوءَ سنڌ جي ٻيٽن ساحل وسائل تيل گيس جي منصوبن ۽ سنڌَ جي حق حڪمراني تي ڪا به سوديبازي نه ڪري ۽ جلد از جلد سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس گهرائي تڪراري صدارتي آرڊيننس  کي رد ڪرائي ۽ ملاحن جي نمائندن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح ڪري ٻيٽن بابت قانون سازي ڪئي وڃي.

ساڳئي طرح سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ آرڊيننس جي خلاف ٺھراءُ منظور ڪرايا وڃن، پيپلز پارٽيءَ کي گهرجي ته هوءَ پاڪستان ڊيموڪريٽ مومينٽ جي چارٽر ۾ ٻيٽن جو مسئلو شامل ڪرائي، آئون سنڌ جي سمورن گهڻگهرن کي عرض ڪريان ٿو اچوته ٻيٽن تي قبضي خلاف ۽ تڪراري صدارتي آرڊيننس کي رد ڪرڻ لاءِ جيڪا تحريڪ شروع ٿي آهي ان ۾َ ڀرپور طريقي سان شريڪ ٿي ڪري پنهنجو قومي فرض پورو ڪيون.،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.