ڊي چوڪ تي سرڪاري ملازمن جو ڌرڻو حڪومت لاءِ چئلينج بڻيل

اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ سياسي ماحول اڳ ئي گهڻو ڇڪتاڻ وارو آهي، ان سياسي منظرنامي جي وچ ۾ سرڪاري ملازمن جو ڊي چوڪ تي  ڌرڻو گهڻي اهميت اختيار ڪري ويو آهي، اپوزيشن اڳواڻ گذريل ڏينهن ٿيندڙ پنهنجي تقريرن  ۽ پريس ڪانفرنسن ۾ ڊي چوڪ تي جاري ڌرڻي جو حوالو ڏيندي عوام کي پيغام ڏئي رهيا آهن ته اهي به مخالف ڌر جي جلسن جلوسن لاءِ نڪرن ته جيئن ” ناڪام حڪومت“ مان جلد جان ڇڏائي سگهجي، بي بي سي موجب شايد انهن سياسي حقيقتن جي ڪري حڪومتي وزير ۽ اسيمبلي ميمبر ڌرڻو هڻندڙن سان ڳالهين تي مجبور آهن ۽ انهن جا مطالبا پورا ڪرڻ جا خاطريون ڪرائي رهيا آهن، پارليامينٽ هائوس آڏو شاهراهه دستور ۽ جناح ايونيو تي ويٺل انهن احتجاجي ملازمن ۾ وڏي انگ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر، ڪلارڪ،واپڊا، ريلوي، او جي ڊي سي ايل، پي آءِ اي، اي او بي آءِ، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، پي ٽي ڊي سي ۽ اسٽيل ملز جا ملازم هئا جن سان گڏ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن سميت ٻين ورڪر تنظيمن جا ڪارڪن به شامل هئا، مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز ڊي چوڪ تي ڌرڻو ڏئي ويٺل ليڊي هيلٿ ورڪرز جي هڪ تصوير پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي پوسٽ تي لکيو ته ” ڪجهه ته شرم ڪريو، هي قوم جو مائرون، ڀينرون،ڌيئرون آهن، ليڊي هيلٿ ورڪرز تنظيم جي صدر رخسانه انور چيو ته ڪافي عرصي کان نه ليڊي هيلٿ ورڪرن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي نه ئي سروس اسٽرڪچر بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته حڪومت ۽ مظاهرو ڪندڙن ۾ معاهدو طئي ٿي ويو ته ليڊي هيلٿ ورڪرن کان علاوه باقي ملازم ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، هوڏانهن اڳوڻي گهرو سيڪريٽري تسنيم نوراني بي بي سي کي ٻڌايو ته بيوروڪريسي جي وقت سر فيصلا نه ڪرڻ جي سبب کنڊ ۽ اٽي جي بحرانن جنم ورتو ۽ ملازم اڳ ئي مشڪلات جو شڪار هئا انهن جي مشڪلات ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو، حڪومت کي پنهنجي معاشي پاليسين کي بهتر بڻائڻو پوندو، تجزئي نگار زاهد حسين چيو ته هن جي خيال ۾ ملڪ ۾ احتجاج ۽ مظاهرن جي فضا حڪومت لاءِ هڪ وڏو چئلينج پيدا ڪري سگهي ٿي، هاڻي اهم ڳالهه اها هوندي ته حڪومت ان چئلينج تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪري ٿي، هوڏانهن رضا رباني چيو ته ليڊي هليٿ ورڪرن جي احتجاج جي حمايت ڪريون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.