مولانا عادل جي قتل خلاف اڄ سنڌ ۾ هڙتال جو سڏ

ڪراچي(رپورٽر) مولانا عادل خان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ اڄ ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال جو اعلان، عالمن تي ٻڌل  علماءَ ڪميٽي ڪراچي ڊويزن طرفان 10 آڪٽوبر تي شاهه فيصل ڪالوني ۾ قتل ڪيل مولانا عادل خان ۽ سندس ڊرائيور مقصود جي قاتلن جي گرفتاري نه ٿيڻ تي اڄ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي، علماءِ ڪميٽي طرفان ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي جڏهن ڪراچي جي واپارين طرفان هڙتال جي حمايت ڪئي وئي آهي، ان کان اڳ ايم ڪيوايم پڻ هڙتال جي حمايت ڪري چڪي آهي، هوڏانهن ڪراچي پوليس چيف غلام نبي ميمڻ گذريل ڏينهن جامع مسجد عمر فاروق پهچي علماءَ ڪميٽي جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ ڪميٽي کي ٻڌايو ته پوليس مولانا ڊاڪٽر عادل خان جي قاتل جي گرفتاري لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.