وڌيڪ اثاثا ڪيس، قائم علي شاهه جي ڪچي ضمانت ۾ ڊسمبر تائين واڌ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ  سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ۽  آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ ۾ اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي عارضي  ضمانت ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي ، ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر چيو ته قائم علي شاهه تي ڪنڌڪوٽ ۾ ڪاليج جي زمين پرائيويٽ پارٽيءَ کي ڏيڻ جو الزام آهي، سندس خلاف جاچ ڪئي پئي وڃي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي  سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته پاڻ کي جمهوري سڏائيندڙ وزيراعظم ڪو به جمهوري ڪم نه ڪري رهيو آهي، سڀني ڏٺو ته گجرانوالا ۾ جلسي کان اڳ ڇا ٿي رهيو آهي، ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جي جلسي دوران عوامي سمنڊ اُٿلندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.