آصف زرداري جا وارنٽ جاري ڪرڻ انتقامي ڪارروائي قرار

راچي ( م ڊ ) پيپلز پارٽي آصف علي زرداري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ کي انتقامي ڪارروائي قرار ڏئي ڇڏيو، نفيسه شاهه سخت  لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته آصف زرداري بيماري ۽ ڪرونا وائرس باوجود پابنديءَ سان عدالت سامهون پيش ٿيندو آيو آهي، اڳوڻو صدر اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، وارنٽس جاري ڪرڻ ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي سازش آهي.پ پ اڳواڻ نفيسه شاهه پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ نيب پاران اڳوڻي صدر آصف زرداري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته هي انتهائي ڳڻتي جوڳي، مذمت جوڳي ۽ انتقامي ڪارروائي آهي.هن چيو ته اڳوڻو صدر آصف زرداري بيماري ۽ ڪرونا وائرس باوجود پابنديءَ سان عدالت سامهون پيش ٿيندو آيو آهي، اڳوڻو صدر اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، وارنٽس جاري ڪرڻ ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي سازش آهي.نفيسه شاهه وڌيڪ چيو ته آصف زرداري نه ملڪ مان ٻاهر وڃي پيو ۽ نه ئي عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو آهي، حڪومت اپوزيشن جي توهين ڪرڻ ۽ حالتون خراب ڪرڻ جي سازش فوري طور بند ڪري.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.