شبلي فراز جو اپوزيشن کي جناح گرائونڊ ڀرڻ جو چيلينج

اسلام آباد ( بيورو+ م ڊ ) وفاقي وزير شبلي فراز اپوزيشن  کي گوجرانوالا جو جناح گرائونڊ ڀرڻ جي چيلينج ڪندي چيو آهي ته اپوزيشن جو جلسو رڳو حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش آهي،حڪومت ڪنهن به صورت ۾ مخالف ڌر جي دٻاءُ ۾ نه ايندي.ويڊيو بيان ۾  شبلي فراز چيو ته اسٽيڊيم ۾ جلسو ڪري ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي، حڪومت ، مخالف ڌر کي  روڊن تي جلسو ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي.هن چيو ته عوام کي تنگ ڪرڻ واري سياست تي يقين نٿا رکون.وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر ڪرپشن بچائڻ لاءِ عوام کي اهڙي ماحول ۾ ڌڪي رهي آهي. واضح رهي ته حڪومت ،مخالف ڌر کي گجرانولا ۾ جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ۽ مخالف ڌر سموريون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.