تشدد جو نشانو بڻيل اي ايس آءِ اصغر مغيري رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي اندر ايس ايڇ او جي موجودگيءَ ۾ مبينا تشدد جو نشانو بڻيل اي ايس آءِ اصغر مغيري وارو  معاملو، اي ايس آءِ پوليس جاچ رپورٽ اچڻ کان پوءِ  وقت کان اڳ رٽائرمنٽ ڏئي ڇڏي. ان حوالي سان پوليس اي ايس آءِ اصغر مغيري صحافين کي ٻڌايو ته وليد ٿاڻي اندر پي پي پي ڪارڪن ذوالفقار جکراڻي ايس ايڇ او عبدالوهاب مسڻ جي موجودگيءَ ۾ مون مٿان تشدد ڪيو بعد ۾ جڏهن معاملي جي جاچ ٿي ته سياسي دٻاءُ سبب جاچ ۾ پنهنجن ئي عملدارن مون کي ڪوڙو قرار ڏنو. هن چيو ته ڊيوٽي تي وڃان ٿو جتي ٿاڻي وارا ڊيوٽي نه ٿا وٺن ۽ چيو ويندو آهي ته ايس ايس پي جو منع ٿيل آهي. هن الزام لڳايو ته مون کي انصاف فراهم ڪرڻ بجاءِ نوڪري تان برطرف ڪرڻ لاءِ اي آءِ جي کان ايس ايس پي تائين ڪوششون جاري آهن، پوليس ۾ سياسي راڄ آهي، مان پوليس عملدار آھيان ٿاڻي اندر منهنجي سياسي ڪارڪن تذليل ڪئي پر ڪو انصاف نه مليو ته عام ماڻھو کي ڇا ملندو؟ هاڻي پوليس کاتي مان دل ڀرجي وئي، 31 سال نوڪري ڪئي ۽ ان جو صلو اِھو مليو ته ٿاڻي اندر وردي ڦاڙي وئي، مون سان زيادتي ڪري ٿاڻي اندر ناانصافي ڪئي وئي سياسي ماڻهن پاڻ چمڪائڻ لاءِ مون کي استعمال ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ انصاف ڏيارڻ جون ڳالھيون ڪري استعمال ڪيو، هتي پوليس عملدار شراب کي ماکي ڪن ٿا، هن چيو ته ڊي آءِ جي عرفان بلوچ ايماندار ھو جنهن ڪيس داخل ۽ اڳوڻي ايس ايڇ وھاب مسڻ کي ھٽايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.