موجوده صورتحال ۾ ڀارت سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( م ڊ ) پرڏيهي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري چيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ ڀارت سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، ان  لاءِ بهتر ماحول پيدا ڪيو وڃي. هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته قومي سلامتي جي صلاحڪار معيد يوسف ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ۾ جن شرطن جو ذڪر ڪيو، ڀارت ان تي سنجيدگي سان غور ڪري، معيد يوسف واضح لفظن ۾ چيو ته والاريل ڪشمير ۾غير انساني گهيرو بند ڪيو وڃي، سياسي قيدي آزاد ڪياوڃن، پاڪستان ۾ دهشتگردن جي پٺڀرائي جو سلسلو ختم ڪيو وڃي، اسان مسلسل چئون ٿا ته ڀارت ڳالهين لاءِ سازگار ماحول تيار ڪري، ڪشميرين جو ان سموري عمل ۾ شامل رهڻ ضروري آهي.

حڪومت هر سيڪٽر کي سبسڊي ڏئي رهي آهي: حفيظ شيخ جي دعويٰ

لاهور ( م ڊ )  ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ماضي ۾ ڊالر کي ڄاڻي واري سستو رکيو ويو، برآمدات تي  ڌيان نه ڏنو ويو ۽ ملڪي معيشت کي نقصان پهچايو ويو. لاهور ۾ واپاري تنظيمن کي خطاب ڪندي حفيظ شيخ چيو ته معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پيا، حڪومت واپاري برادري لاءِ هاڻي آسانيون پيدا ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومتي خرچن کي ڪنٽرول ڪيو، حڪومت لکين ڪمپنين جي بجليءَ جا بل پاڻ ڏنا، شايد ئي ڪو سيڪٽر هجي، جنهن ۾ حڪومت پنهنجي کيسي مان مدد نه ڪري رهي هجي.

آصف زرداري گهر منتقل ناهي ٿيو، علاج هيٺ آهي: بلاول هائوس ترجمان

ڪراچي ( م ڊ ) پاڪستان پيپلزپارٽي جو شريڪ چيئرمين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اڃا تائين نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.  بلاول هائوس جي ترجمان آصف علي زرداري جي اسپتال کان گهر ۾ شفٽ ٿيڻ وارين خبرن جي سختيءَ سان ترديد ڪئي آهي ته آصف علي زرداري اڃا تائين نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، کيس اسپتال کان گهر شفٽ ناهي ڪيو ويو. واضح رهي ته ان کان اڳ خبر آئي هئي ته آصف علي زرداري جي طبيعت ۾ بهتري اچڻ لڳي آهي. ان حوالي سان ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته آصف علي زرداري جون مختلف ٽيسٽ ڪيون ويون آهن، جن ۾ ايڪوڪارڊيوگرام به شامل آهي.

جناح گرائونڊ ڀرجي ويندو، ڇا شبلي فراز استعيفيٰ ڏيندو؟  پرويز رشيد

گوجرانوالا ( م ڊ ) مسلم ليگ ن وفاقي وزير شبلي فراز جو چيلينج قبول ڪندي چيو آهي ته اسان جناح گرائونڊ ڀري ڏيکارينداسين.  وفاقي وزير شبلي فراز جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ظاهر ڪندي پرويز رشيد چيو ته جناح گرائونڊ ڪارڪنن سان سٿجي ويندو پر شبلي فراز ٻڌائي ته اهو استعيفيٰ ڏيڻ ۾ ڪيتري دير لڳائيندو.

پنجاب جا 2 وزير به ڪورونا ۾ وٺجي ويا

لاهور  (م ڊ ) پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس وڌي رهيا آهن، زراعت وارو وزير حسين جهانيان گرديزي ۽ صنعت، پيداوار واري وزير ميان اسلم اقبال جي ڪورونا ٽيسٽ  پازيٽو اچي وئي. ترجمان موجب صوبائي وزير حسين جهانيان گرديزي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کان پوءِ آئيسوليشن ۾ آهي جڏهن ته هن ڪورونا مان صحتيابي تائين سموريون  عوامي سرگرميون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. پنجاب جو صنعت ۽ واپار وارو وزير ميان اسلم به ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ هن پنهنجو پاڻ کي گهر ۾ قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.

موٽروي زيادتي ڪيس، سي سي پي او لاهور ۽ ايس پي سي آءِ اي ۾ جهيڙو

لاهور ( م ڊ ) لاهور پوليس جي ڪيپيٽل سٽي پوليس آفيسر (سي سي پي او ) عمر شيخ ۽ ايس پي سي آءِ اي عاصم افتخار ۾ جهيڙو ٿيو، جهيڙي دوران ميٽنگ ۾ موجود ٻين  آفيسرن وچ ۾ پئي ڇڏائي ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته موٽروي واقعي جي مک جوابدار عابد ملهي ڪيس ۾ اعتماد ۾ نه وٺڻ تي سي سي پي او عمر شيخ، ايس پي سي آءِ اي تي ڪاوڙجي پيو، ٻنهي ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي، سي سي پي او ڪيس داخل ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني.

وزيراعظم پاران پناهه گاهه جو دورو، غريبن کي عزت ڏيڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو+م ڊ)  وزيراعظم عمران خان خميس ڏينهن اسلام آباد جي علائقي پشاور موڙ ۾ قائم پناهه گاهه جو درو ڪيو. وزيراعظم جي خاص مددگار ثانيه نشتر،  سينيٽر فيصل جاويد، ۽ پاڪستان بيت المال جو ايم ڊي عون عباس به ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم پناهه گاهه جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو ۽ پناهگاه جي انتظامن ۽ سهولتن جو جائزو ورتو، وزيراعظم پناهگاهن جي انتظامن کي ساراهيو ۽ چيو ته پناهگاهن ۾ رهندڙ ماڻهن جي عزت نفس جو احترام يقيني بڻايو وڃي ، وزيراعظم پناهگاه ۾ رهندڙ ماڻهن سان گڏجي ماني به کاڌي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.