موٽروي زيادتي ڪيس ۾ پوليس بدنيتي ڪئي: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور ( بيورو+ م ڊ ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس قاسم خان چيو آهي ته موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ پوليس جي بدنيتي واضح طور نظر اچي رهي آهي.لاهور  هاءِ ڪورٽ ۾ ڪمپيوٽرائزڊ رونامچو تيار ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سڄي پنجاب ۾ پوليس گردي جي انتها ٿي چڪي آهي.موٽر وي زيادتي ڪيس جو حوالو ڏيندي چيف جسٽس چيو ته مک جوابدار عابد ملهي جو پيءُ رڙيون ڪري رهيو آهي ته عابد کي پاڻ پوليس حوالي ڪيم، عابد جو پيءُ چئي ٿو ته پوليس اهلڪار ڇِت تي سُتل هئا ۽ پوليس جي جاچ ٽيم ۾ انعام ورهائڻ جا اعلان ڪيا پيا وڃن.جسٽس قاسم خان چيو ته20، 20 ڏينهن تائين ماڻهن جي فيمليز کي غير قانوني طور حراست ۾ رکيو ويندو آهي، پوليس جي بدنيتي واضح نظر اچي رهي آهي.

نواز شريف بابت برطانوي اخبارن ۾ اشتهار ڇاپڻ لاءِ اجازت طلب

اسلام آباد (بيورو+ م ڊ ) وفاقي حڪومت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي استدعا ڪئي آهي ته  اڳوڻي وزير اعظم نوازشريف جي طلبي جا اشتھار برطانيا جي اخبارن ۾  جاري ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ايڊيشنل اٽارني جنرل اسلام آباد  ھائيڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.درخواست ۾ ڄاڻايو ويو ته عدالت ملڪ جي ٻن اخبارن ۾ اشتھار جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي ، پر برطانيا جي ٻن اخبارن ۾ به اشتھار جاري ڪرڻ چاھيون ٿا،.درخواست ۾ ڄاڻايو ويو ته برطانيا جي  ڊي ٽيليگراف ۽ گارجين اخبارن ۾ اشتھار جاري ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي.درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نواز شريف ھن وقت لنڊن ۾ موجود آھي اتان جي اخبارن ۾ اشتھار شايع ڪرڻ ضروري آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.