ٻيٽن تي شهر اڏڻ کان اڳ ڌرتي ڌڻين جي داخلا بند، هٿيار سڌا ڪري رستا روڪ

ملير/ ڪراچي (رپورٽ: جميل چانڊيو / صادق سومرو) سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي شهر اڏڻ کان اڳ ئي ڌرتي ڌڻين جي داخلا بند ٿي وئي، اهلڪارن ريلي تي هٿيار سڌا ڪري ورتا. سامونڊي ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ خلاف هزارين ڌرتي ڌڻين جي سمنڊ اندر ٻيڙين تي ريلي ڪڍي ته وچ سمنڊ ۾  نيوي اهلڪارن ڏنگي ٻيٽ ڏانهن وڌندڙ ريلي تي هٿيار سڌا ڪري ڇڏيا. جهازن جا لامارا  شروع ٿي ويا. وڏن سامونڊي جهازن ٻيڙين کي گهيري وڌو. جيمرز سبب موبائل ۽ ٽي وي چينلن جا لائيو سسٽم به بيهي ويا. هڪ وڏو ٻيڙو زوزاٽ ڪري ٻيڙين ڀرساب گذريو ته ڪيتريون ئي ٻيڙيون اونڌيون ٿيڻ کان زري گهٽ بچي ويا. سياسي سماجي ڌرين 19 آڪٽوبر کان سڄي سنڌ ۾ ٻيٽ بچايو تحريڪ جي سرِي هيٺ ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته صدارتي آرڊيننس فوري طور تي واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ عوام جو سخت رد عمل سامهون ايندو. فشرفوڪ فورم پاران ٻيٽ بچايو بوٽ ريلي ابراهيم حيدري کان ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن ڏانهن ڪڍي وئي جنهن کي رستي ۾ ئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن روڪي ورتو. ان دوران ريلي ۾ شريڪ سياسي، سماجي اڳواڻن، دانشورن، اديبن ۽ مهاڻن آرڊيننس خلاف نعري بازي ڪئي. ڇڪتاڻ اري صورتحال کانپوءِ بوٽ ريلي کي واپس ابراهيم حيدري آندو ويو. سمنڊ اندر نڪتل ريلي ۾ فشر فوڪ فورم جو سربراهه سيد محمد علي شاهه، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ حُور النساءَ پليجو، آمريڪا مان آيل سانا اڳواڻ ڊاڪٽر اعجاز ترڪ، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه، ڊاڪٽر ايوب شيخ، ايڊوڪيٽ محمد خان شيخ، ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو، ايم پي اي راجا عبدالرزاق بلوچ، محمود عالم ڄاموٽ، گل حسن ڪلمتي، نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي ناصر منصور، زهرا خان، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراهه نواز خان زنئور، جيئي سنڌ محاذ جي عبدالخالق جوڻيجو، عوامي ورڪر پارٽي جي بخشل ٿلهو، شهناز راهو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.  ان موقعي تي فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه چيو ته ڏنگي ٻيٽ تي گذريل سال کان قبضو ٿيل آهي. پر سنڌ جا ٻيٽ ۽ زمين ڌرتي ڌڻين جي ملڪيت آهن،سنڌ جا ماڻهو ملڪيت بچائڻ لاءِ  ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿا، وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي سازش ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب نه ڪرڻ ڏينداسين،جيڪڏهن هتي شهرن جي اڏاوت ڪئي وئي ته 25 لک مهاڻا بيروزگار ٿي ويندا. هنن ٻيٽن تي مهاڻن جو تاريخي حق آهي، اهڙي آرڊيننس سان رڳو سنڌ جي وسيلن کي نقصان ناهي ان سان گڏ بلوچستان جي پٽي به خطري ۾ اچي ويندي، اسان بلوچن کي به چئون ٿا ته اچون گڏجي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريون. هتي لڳ ڀڳ 13 ننڍا وڏا ٻيٽ آهن، هن جي اها سازش آهي ته پهريان ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن تي قبضو ڪيون ان کانپوءِ جيڪي ننڍا وڏا ٻيٽ آهن انهن تي به قابض ٿي وينداسين. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته ڏسي نه ڪهڙا ماڻهو هتي بندوقون کڻي ويهي رهيا آهن،ڇو نٿا مهاڻن کي روزگار ڪرڻ ڏين نه وري عام ماڻهو کي اجازت آهي ته اتي وڃي، اجازت نه ڏيڻ جو مقصد آهي ته هو اندروني طور تي ڪهڙا ڪهڙا ويهي ڪم پيا ڪن. ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه چيو ته هي وطن جي مالڪي جو سوال آهي روينيو ڊپارٽمينٽ جيڪو آهي اهو سنڌ حڪومت جو کاتو آهي ان پاران جاري ٿيل اين او سي ۽ صدارتي آرڊيننس غيرقانوني آهي. ڏنگي تي هن وقت به هٿياربند قبضو ڪري ويهي رهيا آهن. گل حسن ڪلمتي چيو ته اڄ سان سڀني سان ٻيڙين تي ڀنڊاڙ تائين وياسين ۽ جيڪا صورتحال هئي اها سڀني پنهنجي اکين سان ڏٺي آهي،جڏهن وفاق چيو ته سڌ جي عوام کي پريشان نه ڪنداسين نه وري هنن کان حق کسيو ويندو پوءِ اڄ اهڙو ورتاءُ سنڌين سان ڇو ڪيو آهي ۽ انهن کي ٻيٽن تي وڃڻ جي اجازت ڇو ناهي ڏني.اهو ڪم سنڌ حڪومت جو آهي ته غيرقانوني اڏاوت بند ڪري ۽ مهاڻن جي لاءِ جيڪي رستا بند ڪيا آهن انهن کي کوليو وڃي. خالق جوڻيجو چيو ته نه رڳو ٻيٽن تي قبضو ڪيو ويو آهي پر سڄي سنڌ تي قبضو آهي. بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد ۽ ٿر تي ۾ وري اينگرو جي شڪل ۾ قبضو ڪيو ويو آهي. ناصر منصور چيو ته هنن پهريان اهو ڪوشش ڪئي ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪيو وڃي جڏهن سنڌ جو عوام هنن جي ان سازش کي ناڪام ڪيو آهي ته پوءِ وري هاڻي هنن ٻيٽن جي ذريعي قبضو ڪري رهيا آهن. الاهي بخش بڪڪ چيو ته اڄ روڪڻ مان ظاهر ٿيو ته ٻيٽ حڪومت پاڻ لکي ڏئي انهن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. مهر ڊٻائي چيو ته سنڌي قوم کي سنڌ ڌرتي کي پنهنجي ماءُ پئي سمجهي ۽ مائرون نگ ٿينديون آهن ۽ ننگ ڀاڙيا ڇڏيندا آهن ۽ سنڌي قوم ڀاڙي ناهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.