سڪرنڊ ۾ ايڪسائيز پوليس جي تشدد بعد پاڻ ساڙيندڙ ٽرالر ڊرائيور دم ڏئي ڇڏيو

سڪرنڊ ( رپورٽ: لطيف جمالي ) ايڪسائيز چيڪ پوسٽ جي اهلڪارن جي وحشياڻي تشدد بعد کي احتجاجن باهه ڏئي سڙي زخمي ٿيل آئل ٽينڪر ڊرائيور زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. ٻه ڏينهن اڳ سڪرنڊ ۾  قومي شاهراهه تي ايڪسائيز پوليس جي تشدد بعد پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندڙ ٽرالر ڊرائيور متيع الرحمان سول اسپتال ڪراچي جي برنس وارڊ ۾ زخمن جا تاب نه سهندي پنهنجي زندگي جي جنگ هارائي ويو. رابطي تي سندس سئوٽ فريد الله چيو ته ايڪسائيز پوليس اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي. اسان جي سئوٽ کان ايڪسائيز اهلڪارن 18 هزار ڦر ڪرڻ بعد سندس جي تذليل ڪئي. جنهن تي هن احتجاج ڪري پنهنجو پاڻ تي تيل هاري ساڙيو هو. افسوس آهي سنڌ حڪومت واقعي جو ڪو به نوٽيس نه ورتو نه ئي اهلڪارن خلاف ڪا ڪارروائي ڪئي آهي. اسان لاش پنهنجي اباڻي ڳوٺ وزيرستان کڻي وڃي رهيا آهيون جتي آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد واپس پهچي ايڪسائيز اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرائينداسين. رابطي تي ايس ايڇ او سڪرنڊ انسپيڪٽر اصغر اعواڻ ٻڌايو ته واقعي بعد ايس ايس پي بينظيرآباد جي هدايت تي زخمي ٽرالر ڊرائيور جو فوت ٿيڻ کان اسان ڪراچي اسپتال ۾ بيان رڪارڊ ڪيو آهي جنهن ۾ فوتي ڊرائيور پاران ايڪسائيز اهلڪارن پاران مبينا تشدد ڪري ڪمري ۾ واڙي ڇڏڻ جو انڪشاف ڪيو هو ۽ جنهن بعد ڊرائيور پاران احتجاج طور پاڻ ساڙڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. پوليس بيان جي روشني ۾ وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪندي ڊائريڪٽر ايڪسائيز بينظيرآباد و اٺن اهلڪارن انسپيڪٽر آصف لاکو، اهلڪار شفيع محمد ملاح ، سائل ڪيريو ، اختر سولنگي ، غلام مصطفيٰ مگسي ، محمد بچل ڪالڙو کي معطل ڪري سندن خلاف انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.