گرفتارين سان حڪومت بچي نٿي سگهي: آصف زرداري

اسلام آباد ( بيورو+ م ڊ ) نيب چيئرمين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  اڳوڻي صدر جي ضمانت ۾ 5 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب نيب چيئرمين جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ نيب راولپنڊي جي درخواست تي آصف علي زرداري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.نيب ذريعن موجب گرفتاري وارنٽس 8 ارب رپين جي شڪي ٽرانزيڪشن تي جاري ڪيا ويا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ آصف زرداري جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نيب عدالت کي استدعا ڪئي ته آصف زرداري جي ضمانت رد ڪئي وڃي. عدالت آصف زرداري جي عبوري ضمانت ۾ 5 نومبري تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ٻي طرف جاري ڪيل بيان ۾  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري گرفتار سياسي ڪارڪن کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته ڪارڪنن جون گرفتاريون جمهوري اصولن ۽ آئين جي ڀڃڪڙي آهن، حڪومت فوري طور تي سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪري. آصف زرداري چيو ته اهڙين حربن ۽ گرفتارين سان ڪٺ پتلي حڪومت بچي نٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.