راشد رباني ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي(رپورٽر)  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو خاص مددگار پ پ اڳواڻ راشد رباني ڪرونا وائرس سبب لاڏاڻو  ڪري ويو آهي. ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل راشد رباني کي ڪجهه ڏينهن اڳ وينٽيليٽر تي رکيو ويو هو. پ پ ايم پي اي ڄام مدد علي، ڊي سي ملير سميت مختلف سرڪاري آفيسر، ملازم، سياسي سماجي اڳواڻ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا آهن. ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر، وڏي وزير مراد علي شاهه، سيد قائم علي شاهه، منظور وساڻ، ناصر حسين شاهه، سعيد غني، سردار شاهه ، جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم، پي ٽي آءِ جي حليم عادل شيخ، خرم شير زمان، گورنر عمران اسماعيل  سميت مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن راشد رباني جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پ پ ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.