ٻيٽن تي ڳالهيون نه ٿينديون، آرڊيننس ۾ آمريت واريون ڳالهيون آهن: ناصر شاهه

سکر( رپورٽ:اظهر علي دايو+اختيار چنا) سڌ سماءَ واري جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ  سکر پريس ڪلب ۾ پ پ ايم پي اي منور  علي وساڻ سان گڏ  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ جي مذمت ڪندي چيو  آهي ته پي ڊي ايم جي جلسي وفاق کي بوکلاهٽ جو شڪار بڻايو آهي.بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي نااھل حڪومت خلاف ريفرنڊم ثابت ٿيندي جلد وزيراعظم پاڻ ئي استعيفا ڏئي ھليو ويندو يا صدر کي پاڻ اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڳالھ ڪندو، هن چيو ته سنڌ جي ٻيٽن بابت صدارتي آرڊيننس غير آئيني ۽ غير قانوني آھي عوام جو مسئلو مھانگائي آھي جيڪو حل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن صدارتي آرڊيننس خلاف اسيمبلي ۾ بل آندو ويندو ، هن چيو ته  سنڌ حڪومت پاران وفاق جي ليٽر جو مثبت جواب ڏنو. آرڊيننس ۾ ڪجهھ ڳالهيون ڊڪٽيٽرن واريون آھن مقامي ماڻهن کي مداخلت کان روڪڻ سٺو عمل ناهي اھڙي آرڊيننس خلاف قانوني ويڙهه وڙھي رھيا آھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.