عوام دشمن حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي: راشد محمود سومرو

گلشن اقبال(رپورٽ: شفقت نوناري )جميعت علماء اسلام پاران غازي ڳوٺ ۾ ڪوٺايل پي ايس 100ورڪر ڪنونشن کي سيڪريٽري جنرل سنڌ  علامه راشد محمود سومرو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۽ پاڪستان جو عوام  بک۽ بدحالي جو شڪار آھي،موجوده عوام دشمن حڪومت مڪمل ناڪام ٿي  چڪي آھي ،عوام مولانا فضل الرحمان جي سربراھي ۾ اپوزيشن ڏانھن نجات لاءِ ڏسي رھيو آھي هاڻ ظلم جو راڄ وڌيڪ هلڻ نه ڏبو ان موقعي تي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اسلم غوري،نائب امير سنڌ مولانا عبد الڪريم عابد،ضلع اوڀر جي اميرمولانا فتح الله،پي ايس 100 جي اميرمفتي عليم الحق،قاري انور حسين،مولانا الياس،مولانا عبد القدوس ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.