ڌرتي ڌڻين تي هٿيار تاڻڻ جي مذمت ڪريون ٿا: سنڌو نواز

حيدرآباد(رپورٽ) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو، سھيل ڀٽو، حمز علي چانڊيو، اسد مغيري، ڊاڪٽر يوسف  خاصخيلي ۽ ٻين پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي ٻيٽن تي فشر فوڪ جي احتجاج کي سيڪورٽي اھلڪارن پاران ھٿيار تاڻي روڪڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته سنڌين کي پنھنجي ڌرتي ۽ ان جي وسيلن تي ڪوبه اختيار ناھي، سامونڊي ٻيٽن تي وفاق جي قبضا گيري واري عمل ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت برابر جي شريڪ آهي، ھنن چيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ۽ انھن تي ماھيگيرن جو حق آھي، ھنن چيو ته ٻيٽن تي وفاقي قبضي خلاف 18 آڪٽوبر تي بدين ۾ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران الله واري چوڪ کان بدين پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.