لاڙڪاڻي لڳ ڪتن ٻارن سميت 12 ڄڻا چڪي وڌا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ رولو ڪتن طرفان ٻارڙن ۽ هر عمر جي ماڻهن کي چڪ هڻي زخمي ڪرڻ جو سلسلو جاري  آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي شهر ۽ مختلف علائقن ۾ هڪ ئي ڏينهن ٻارڙن سميت 12 ڄڻن کي رولو ڪتن چڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ لاڙڪاڻي شهر جي 4 سالن جي نينگري بسمه ڪلهوڙو، مڪراني محلا واسي نينگر غلام نبي بلوچ، فرحان پٽ علي محمد، منور پٽ الطاف حسين، محسن پٽ رضا محمد، نصير الدين شاهه پٽ جماالدين شاهه، رتوديرو واسي محمد اسماعيل چانڊيو پٽ عبداللطيف چانڊيو، رشيد وڳڻ واسي زين العابدين پٽ محمد يعقوب سومرو، باقراڻي واسي چئن سالن جو ذيشان پٽ مور ٻگهيو، ماهوٽا جي رهواسڻ 7 سالن جي نينگري سويرا ڌيءَ علي گل، باقراڻي واسي حسنين پٽ، فتح محمد ڀٽو واسي عجيب ڀٽو پٽ عبدالخالق ڀٽو شامل آهن جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز سينٽر آندو جتي کين ويڪسين لڳائي ضروري علاج ڏنو ويو. ان حوالي سان سينٽر انچارج ٻڌايو ته ڪتي چڪ سبب زخمي ٻارڙن ۽ مردن جو واسطو لاڙڪاڻو، رتوديرو، باقراڻي، رشيد وڳڻ، ماهوٽا سميت ٻين شهرن ۽ ڳوٺن سان آهي جن کي ويڪسين لڳائي ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.