ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي قبضي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي ( نمائندن وٽان ) ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي قبضي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي، باڊهه ۾ پ پ  شھيد ڀٽو پاران زبير احمد جتوئي، حبيب پتوجي ۽  فدا تنيو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن  چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار تي قبضي  لاءِ ھڪ غير قانوني ۽ غير آئيني  آرڊيننس جاري  ڪيو آهي.هنن مطالبو ڪيو ته  فوري طور صدارتي آرڊيننس کي واپس وٺي سنڌي قوم ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي، هوڏانهن سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف  ميهڙ، ٺارو شاهه. ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا،  وارهه ۾ قومي عوامي تحريڪ طرفان اعلانيل بيداري مارچ جي ڪاميابي لاءِ  پارٽي جو ضلعي اجلاس عنايت تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿيو، هنن چيو ته مارچ ۽ ڪراچي واري جلسي کي سنڌ جو عوام ڪامياب ڪندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.