جمهوريت سواليه نشان بڻيل آهي: نثار کهڙو

ڪراچي(رپورٽر) پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي ۽ سعيد غني چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت جمهوريت سواليه نشان بڻجي وئي آهي، حقيقي  جمهوريت لاءِ پي ڊي ايم تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي، آصف علي زرداري جي گرفتاري وارنٽن کان گهٻرائڻ وارا نه آهيون، اهڙو اظهار هنن ڪالهه ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳوڻي ايم اين اي علي راشد پاران متحده کي ڇڏي پ پ ۾ شموليت جي اعلان جي موقعي تي ڪئمپ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هنن چيو ته پ  پ ۾ اڳوڻن ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي شرڪت جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جلد ئي ٻين پارٽين جون وڏيون وڪيٽون ڪرڻ واريون آهن، هن چيو ته اسان به احتياطي قدم کڻندي جلسا ۽ جلوس ڪنداسين، ان لاءِ لکين ماسڪ خريد ڪيا آهن، ملڪ ۾ ڪرونا ڦهلائڻ ۾  وڏوڪردار عمران خان پاڻ جو آهي. ان موقعي تي وقار مهدي چيو ته  جلد پي ٽي آءِ مان به وڪيٽون ڪرنديون، جلد ئي وڏو بريڪ ٿرو ڏينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.