گم ٿيل ٻارن جي رپورٽ ۽ بازيابي ۾ مدد لاءِ زينب الرٽ ايپ جاري

اسلام آباد (م ڊ) انساني حقن واري وزارت جي وفاقي وزير چيو آهي ته انساني حقن واري وزارت ٻارن سان ڏاڍائي بابت ڄاڻ وارن پروگرام جو پهريون مرحلو مڪمل ڪري ورتو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسانجي ٽيم مهرآباد،بري امام، شاه الله دته، گولڙه، ترنول، سيدپور، سوهان، مسلم ڪالوني، آءِ نائن، اين ٽين سميت اسلام آباد ۾ ٻارن جي تحفظ بابت 15 گڏيل انٽرايڪٽو سينٽر منعقد ڪيا،جڏهن ته ان حوالي سان ٻيو مرحلو جلد شرو ع ڪيو ويندو، هن چيو ته زينب الرٽ ايپ لانچ ڪئي وئي آهي جنهن جي مدد سان ٻارن سان پيش ايندڙ واقعن کي فوري رپورٽ ڪيو ويندو ۽ گم ٿيل ٻارن جي بازيابي ۾ به مدد ملندي، بي ايم ڊي يو جي سربراهه انس طارق ٻڌايو ته اها ايپ پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ئي هڪ حصي طور تي بڻائي وئي آهي، جيڪڏهن ڪو به ٻار گم يا اغوا ٿي وڃي ٿو يا تشدد، زيادتي يا ڪنهن به قسم جي اڻوڻندڙ واقعي جو شڪار ٿيندو آهي ته ان کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ شهري ان ايپ کي استعمال ڪري سگهن ٿا.

سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اڄ اجلاس

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) سينيٽ جو 304 هون اجلاس اڄ جمعي ڏينهن صبح ساڍا 10 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي اجلاس جي صدارت ڪندو. اجلاس ۾ سوالن جي وقفي سان گڏوگڏ قانونسازي ۽ اهم قومي معاملن تي بحث ڪيو ويندوجڏهن ته  قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ جمعي جي شام ساڍا 4 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ڪندو.

آمريڪا جو سوڊان کي اسرائيل سان رابطن جي برقراريءَ لاءِ 24 ڪلاڪن جو چتاءُ

خرطوم(م ڊ) آمريڪا جو سوڊان کي اسرائيل سان رابطن جي برقراريءَ لاءِ 24 ڪلاڪن جو چتاءُ ڏنو آهي. سوڊان جي سرڪاري  ذريعن جي حوالي سان چيو ويو آهي ته آمريڪا سوڊان کي اسرائيل سان رابطن جي برقراريءَ لاءِ 24 ڪلاڪن جو چتاءُ ڏنو آهي. سوڊان جي سرڪاري ذريعن مطابق هي چتاءُ آمريڪا ۾ 3 نومبر تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن جي ويجهي اچڻ سبب ڏنو آهي.

سنڌ ۾ ڪورونا جا 252 نوان ڪيس، 2 ڄڻا فوت

ڪراچي(رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  ڪورونا وائرس صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا  سبب وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 252 نوان ڪيس ظاهر ٿيا جڏهن ته 193 مريض صحتياب ٿيا آهن. هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9687 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 252 نوان ڪيس ظاهر ٿيا. هن چيو ته صوبي ۾ 252 ڪورونا ڪيس مان 179 نوان ڪيس ڪراچي جا آهن

زمين تي قبضي جو الزام، ن ليگ سينيٽر چوڌري تنوير جا 2 پٽ گرفتار

راولپنڊي (م ڊ ) راولپڊي پوليس مسلم ليگ ن جي سنيٽر چوڌري تنوير جي ٻن پٽن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته  چوڌري تنوير جي ٻنهي پٽن کي روينيو ڊپارٽمينٽ جي درخواست تي گرفتار ڪيو ويو،  اسامه چوڌري ۽ انس چوڌري تي زمين تي قبضو ڪرڻ جوالزام آهي. پوليس ٻنهي کي ايئرپورٽ ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

دوائن جي قيمتن ۾ اضافي تي  رپورٽ طلب

لاهور(بيورو) لاهور هاءِ ڪورٽ دوائن جي قيمتن ۾ اصافي خلاف داخل درخواست تي لاڳاپيل اختيارين کان سببن جي تفصيلي  رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 4 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. خميس تي جسٽس ساجد محمود سيٺي مقامي وڪيل اظهر صديق جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت جي آڏو درخواست ۾ دوائن جي قيمتن ۾ 262 سيڪڙو اضافي تي قانوني اعتراض اٿاريا ويا آهن .

حڪومت ٿورو رليف به نه ڏنو. 15 ڏينهن لاءِ تيل اگهه برقرار

اسلام آباد ( م ڊ ) وفاقي حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ تيل اگهن جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ناڻي واري  وزارت موجب فيصلو وزيراعظم جي منظوري سان ڪيو ويو، جڏهن ته عالمي منڊي ۾ تيل اگهن کي نظر م رکندي آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي به تيل اگهه برقرار رکڻ جي سفارش ڪئي هئي. واضح رهي ته حڪومت هن وقت في ليٽر ڊيزل تي 30 رپيا، پيٽرول تي 27 رپيا 32 پئسا پيٽرول ليوي اوڳاڙي رهي آهي، گاسليٽ جي في ليٽر تي 11 رپيا 43 پئسا پيٽرول ليوي لاڳو آهي.

ٽرمپ جي ننڍي پٽ کي به ڪورونا ٿيڻ جو انڪشاف

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي خاتون اول ميلانيا ٽرمپ انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ننڍي پٽ بيرن ٽرمپ جو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو  آيو هو  جيڪو بعد ۾ نيگيٽو آيو ۽ هو  هاڻي ٺيڪ آهي، هن چيو ته خوشقسمتي سان بيرن جلد صحت اب ٿي ويو جنهن کانپوءِ سندس ڪورونا ٽيسٽ نيگيٽو آئي. ميلانيا ٽرمپ چيو ته اسان ٽنهي کي ڪورونا گڏ ٿيو ته اسانکي هڪٻئي جو خيال رکڻ ۾ تمام گهڻي مدد ملي

نرسن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن جا مسئلا حل ڪيا ويندا: ڊاڪٽر فيصل سلطان

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)  وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته نرسن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن جا  معاملا احسن طريقي سان حل ڪيا ويندا. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نرسن جا سمورا مطالبا ٻُڌا آهن جن کي احسن طريقي سان حل ڪيو ويندو. هن چيو ته نرسن جيڪي مطالبا اسان آڏو رکيا آهن مون انهن کي نوٽ ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.