مشرف وٽ پرڏيهه ۾ اربين رپين جا اڪائونٽ ۽ ملڪيت هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( م ڊ) مشرف جو اربين رپين جي ملڪيت پرڏيهه ۾ موجود هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. صحافي انصار عباسي جو چوڻ آهي  ته نيب عدالتي حڪم باوجود مشرف خلاف جاچ نه پئي ڪري. پنهنجي يوٽيوب چينل تي ڳالهائيندي انصار عباسي چيو مشرف وٽ اربين رپين جا پرڏيهي اڪائونٽ آهن. تفصيلن موجب دبئي جي ايم ايم بئنڪ ۾ 1 يو اي اڪائونٽ نمبر 77777  AV M  ۾ 16 لک ڊالر پيل آهن. ابوظهبي جي نيشنل بينڪ انويسٽنگ بينڪ ۾ مشرف ۽ صهبا جي اڪائونٽ ۾ 5 لک 35 هزار ڊالر موجود آهن. ابوظهبي جي يونين بينڪ ۾ مشرف ۽ صهبا مشرف جي اڪائونٽ 4002000304 ۾ هڪ ڪروڙ 72 لک درهم جي رقم موجود آهي. ابوظهبي جي يونين نيشنل بينڪ ۾ پرويز مشرف ۽ صهبا مشرف جي اڪائونٽ #4003006733  ۾  80 لک 73 هزار يو اي اي درهم موجود آهن. ابوظهبي جي يونين نيشنل بينڪ ۾ موجود ٻئي اڪائونٽ  #4003006744 ۾ 81 لک ڊالرن جي رقم موجود آهي. مشرف جا ترڪي ۾ به اڪائونٽ آهن. ڪراچي ۾ ٻه ڪمرشل ۽ هڪ رهائشي پلاٽ آهن. لاهور  ۾ ڪمرشل ۽ ڊي ايڇ اي ۾ ٻه پلاٽ، اسلام آباد ۾ هڪ رهائشي ايراضي آهي. هن چيو ته نيب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود مشرف خلاف ڪا جاچ ناهي وڌائي. مشرف جي ايتري ملڪيت ڪٿان آئي، هن جو ڪو ذريعو نه ٻڌايو، هن ملڪ جي ٽيڪس اختيارين ايف بي آر کي ٽيڪس نه ڏنو نه ئي ڪي تفصيل نه ڏنو. ملٽري ڊڪٽيٽر دوران مشرف جي خاص ماڻهو رهندڙ ٻڌايو ته شاهه عبدالله مرحوم ۽ عرب امارتن جي حڪمرانن وڏي رقم ڏني. ڇا هو اهي پئسا وٺي سگهي ٿو، يا نه. هن کي اهي پئسا ڪهڙن خدمتن تي مليا. ايف آءِ اي رپورٽ موجب 22 ملين ڊالر پرڏيهي بينڪ ٻاهر موجود آهي.  هن چيو ته سياستدانن کان پڇندا آهيو ۽ سزا ڏيندا آهيو ڇا اهو صبح ايندو جنهن ۾ ڊڪٽيٽر کي به سزا ملي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.