اورماڙه ۽ وزيرستان ۾ حملا، 14 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 21 ڄڻا مارجي ويا

راولپنڊي/پشاور/حب (م ڊ+ يار محمد بروهي) بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه ۾ سيڪيورٽي فورسز تي ٿيندڙ شدت پسندن جي حملن ۾ هڪ ڪيپٽن سميت 15 سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 21 ڄڻا  مارجي ويا آهن، آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن فورسز تي آءِ اي ڊي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ آفيسر ۽ 5 جوان شهيد ٿيا.دهشتگردن رزمڪ ڀرسان فورسز جي  قافلي کي روڊ ڪناري رکيل بم سان نشانو بڻايو.پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته حملي ۾ 24 ورهين جو ڪيپٽن عمر فاروق، نائب صوبيدار رياض احمد، نائب صوبيدار شڪيل آزاد، حوالدار يونس، نائيڪ نديم ۽ لانس نائيڪ عصمت الله شهادت ماڻي، ٻيو حملو بلوچستان جي ضلعي گوادر جي تعلقي اورماڙه ۾ اوجي ڊي سي ايل جي قافلي تي ٿيو جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 سيڪيورٽي اهلڪار ۽ 7 سويلين محافظ مارجي ويا آهن، بلوچستان ۾ ٿيندڙ حملي بابت آءِ ايس پي آر في الحال تفصيل جاري ناهن ڪيا، جڏهن ته وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه بلوچستان حملي ۾ 6 اهلڪارن جي مارجڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جو اهو واقعو دشمن عنصرن جي بزدلاڻي ڪارروائي آهي، بي بي سي موجب  اتروزيرستان ۾ حملي جي زميواري تحريڪ طالبان پاڪستان قبول ڪئي آهي، طالبان ترجمان چيو ته اهو حملو ريموٽ ڪنٽرول ڊيوائس سان ڪيو ويو، وزيراعظم عمران خان سيڪيورٽي اهلڪارن جي خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي ان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي، گوادر انتظاميا جي هڪ اهلڪار ان حملي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ان حملي ۾ قافلي جي حفاظت تي مقرر فرنٽيئر ڪور جي ٻن گاڏين کي سخت نقصان پهتو آهي، هن چيو ته اڻ ڄاتل ماڻهن انهن گاڏين تي وڏن ۽ ننڍن هٿيارن سان حملو ڪيو، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪوسٽل هاءِ وي تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جي جانين جو زيان ان ڳالهه جي علامت آهي ته دشمن بلوچستان ۽ ان جي عوام جي ترقي ٿيندي نٿو ڏسي سگهي، عوامي آواز حب جي رپورٽر موجب اورماڙه حملي ۾ هڪ گاڏي کي باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ شهيد اهلڪارن جا لاش سڙي ويا، ڪراچي کان ايڌي ايمبولنسن جو قافلو ايڌي بلوچستان جي انچارج ڊاڪٽر عبدالحڪيم لاسي جي اڳواڻي ۾ واقعي واري هنڌ پهتو، زخمين کي اورماڙه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، ٻئي پاسي بلوچستان جي گهرو وير ضيا لانگو حملي جي مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي زيان تي انتهائي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ملڪ دشمن عنصر جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچندا.هوڏانهن آءِ ايس پي آر موجب اورماڙه ويجهو سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ جهڙپ ۾ ايف سي بلوچستان جا 7 اهلڪار ۽ 7 سيڪيورٽي گارڊ شهيد ٿي ويا، قافلي تي دهشتگردن جي حملي جو سيڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ ڀرپورجواب ڏنو، ترجمان پاڪ فوج جي پڌرائي مطابق جهڙپ دوران دهشتگردن کي وڏو نققصان ٿيو ۽ او جي ڊي سي ايل جي قافلي کي علائقي مان حفاظت سان ڪڍيو ويو، قافلو فورسز جي حفاظت ۾ گوادر کان ڪراچي وڃي رهيو هو، آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان م امن ترقي کي نقصان پهچائڻ جي دشمن جي بزدلاڻي ڪارروائي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، دهشتگردن جي ڳولا جاري آهي، ترجمان چيو ته شهيدن ۾ لانس نائيڪ افتخار احمد، سپاهي محمد وارث، سپاهي عمران، وارث خان، عبدالنافع، شاڪرالله ۽ عابد حسين، سپاهي محمد نويد، لانس نائيڪ عبدالطيف، صوبيدار عابد حسين، نائيڪ محمد انور شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.