نواز شريف کان استعيفيٰ ناهي گهري: جنرل (ر )ظهير الاسلام

ڪراچي  ( م ڊ ) آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل (ر) ظهير الاسلام چيو آهي ته هن ڪڏهن به اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کان  استعيفيٰ نه گهري هئي. هڪ انگريزي اخبار سان ڳالهائيندي ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ ظهير الاسلام واضح لفظن ۾ انڪار ڪيو ته هن ڪنهن به شخص ذريعي وزيراعظم نواز شريف کي ڪو پيغام نه اماڻيو هو، اهو بلڪل غلط آهي،. هن اصرار چيو ته 2014 جي ڌرڻي دوران حڪومت کي مشورو ڏيندس رهيس ته تحريڪ انصاف ۽ عوامي تحريڪ جو احتجاج سياسي انداز ۾ ختم ڪرايو وڃي.تازو ئي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پهريون ڀيرو سڀني آڏو دعويٰ ڪئي هئي ته اڳوڻي آءِ ايس آءِ چيف ليفٽيننٽ جنرل  ريٽائرڊ ظهير الاسلام 2014  ۾ حڪومت مخالف ڌرڻي دوران کيس پيغام موڪليو هو ته “اڌ رات تائين استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو”. نواز شريف دعويٰ ڪئي هئي ته کيس چيو ويو ته جيڪڏهن اوهان استعيفيٰ نه ڏني ته نتيجا ڀوڳڻا پوندا ۽ مارشل لا به لڳي سگهي ٿو پر مان چيو ته استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو وڻي اوهان ڪيو، نواز شريف ان ماڻهو جو نالو ظاهر نه ڪيو، جنهن جيڪو ان وقت  وٽس ڊي جي آءِ ايس آءِ جو پيغام کڻي آيو هو. 2015 دوران آخري ڏينهن ۾ ان وقت جي دفاع واري وزير خواجه آصف به اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ظهير الاسلام جو نالو وٺي چيو هو ته ان نواز شريف جي حڪومت کي عير مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. خواجه آصف موجب  لنڊن پلان جي سازش پٺيان جنرل ظهير جو هٿ هو، خواجه آصف موجب لنڊن  پلان شجاع پاشا ۽ جنرل ظهير الاسلام جو گڏيل پلان هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.