نيب سان پلي بارگين ڪندڙ فلورملن کي ڪڻڪ نه ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽ: خداڏنوشاھ)سنڌ سرڪار سال 2020/21جي ڪڻڪ بابت پاليسي جاري ڪندي نيب سان پلي بار گين ڪندڙ فلور ملز کي ڪڻڪ نه ڏيڻ جو حتمي فيصلو ڪندي فلور ملز کي ڪڻڪ 36 رپيا في ڪلو  ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي،مليل دستاويزن موجب خوراڪ کاتي سنڌ ڪڻڪ بابت سال 2020/21ع جي پاليسي جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب جيڪي فلور ملز ڪڻڪ ڪرپشن اسڪينڊلن ۾ ملوث آهن ۽ نيب سان پلي بار گين ڪري آيون آهن انهن سمورين فلورملز کي ڪڻڪ جو هڪ ڪلو به نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ خوراڪ کاتي جي آفيسرن کي پابند ڪيو آهي ته ڪڻڪ هي ڪوٽا رليز ڪرڻ وقت ڪڻڪ جي پاليسي جي هر نقطي کي ڌيان ۾ رکيو وڃي ۽ پاليسي جي خلاف ورزي ڪندڙ خوراڪ کاتي جي آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي،پاليسي ۾ فلور ملز کي گدامن ۾ موجود ڪڻڪ اڄ کان جاري ڪئي ويندي جنهن جي قيمت ڪابينا اجلاس ۾ فيصلو ڪيل ساڳي قيمت في هڪ سئو ڪلو جي ٻوري  3687 جي حساب سان ڏني ويندي،خوراڪ کاتي جي ڊائريڪٽر ڪراچي،حيدرآباد،سکر،ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن جي ڊپٽي ڊائريڪٽرز کي لکت ۾ حُڪم ڏنو آهي ته پرڳڻي هي سمورين ڊويزنن ۾ ڪڻڪ اڄ کان جاري ڪئي وڃي ته جيئن اٽي جي امڪاني بحران کان بچي سگهجي جڏهن ته ڪڻڪ جاري ڪرڻ بعد اٽي جي قيمت خوراڪ کاتو پاڻ مقرر ڪندو خوراڪ کاتي آفيسرز کي اهي به سختي سان هدايتون ڏنيون آهن ته ڪڻڪ فقط انهن فلور ملز کي جاري ڪئي وڃي جيڪي گُذريل سال کان گهٽ ۾ گهٽ لاڳيتو ڇهھ مهينا آپريشنل رهيون ھُجن پهرين مرحلي ۾ کليل آسمان هيٺ رکيل ڪڻڪ جاري ڪئي ويندي ۽ خوراڪ کاتي اهو به حُڪم ڏنو آهي ته ڪڻڪ جي فراهمي ڪنهن به صورت ۾ ڪيش پئسن عيوض نه ڪئي ويندي ڪٿي خلاف ورزي ٿي ته ضلعي فوڊ ڪنٽرولرز ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽرز  خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽  رقم جي وصولي ڄاڻايل ٻنهي چيئرز کان ڪئي ويندي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته  اٽي جي ايڪس مل قيمت خوراڪ کاتو سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي تجويزن کي مدي نظر رکي مقرر ڪندو خوراڪ کاتي جي سمورن آفيسرز کي پابند ڪيو ويو آهي ته جيڪي فلور ملز ڪڻڪ وصول ڪن ٿيون اهي اٽو مارڪيٽ ۾ فراهم ڪري رهيون آهن يا نه،خوراڪ کاتي نوٽيفڪيشن ۾ اها ڳالھ به واضع ڪئي هي ته سرڪار جي بقايا ادا نه ڪندڙ فلور ملز کي پڻ ڪڻڪ جي فراهمي نه ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.