سماجي ڪارڪن ادريس خٽڪ جو فوجي عدالت ۾ ٽرائل روڪڻ جو حڪم

پشاور( م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ سماجي ڪارڪن ادريس خٽڪ جو فوجي عدالت ۾ هلندڙ  ٽرائل روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وقار سيٺ ۽ جسٽس ناصر محفوظ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ادريس خٽڪ جي وڪيلن عبداللطيف آفريدي ۽ طارق افغان ايڊوڪيٽ چيو ته فوجي عدالت ۾ ادريس ختڪ جو ٽرائل نه ٿو هلي سگهي. فوجي عدالت ۾ ٽرائل کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي. عدالت درخواست بابت فيصلي تائين ادريس خٽڪ خلاف فوجي عدالت ۾ ٽرائل روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.