جعلي ڊوميسائل ڪيس جلد ٻڌڻ لاءِ درخواست تي نوٽيس جاري

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس ارشد حسين تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ جعلي ڊوميسائل ۽ پي آر سي جي  بنياد تي نوڪري وٺڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي عدالت ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن جي درخواست تي فوري ٻڌڻي جي استدعا تي 2نومبر جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏياآهن .عدالت ۾ خواجه اظهارالحسن پيش ٿيو .ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ شهريار چيو ته سنڌ حڪومت جعلي ڊوميسائل ڏيڻ واري معاملي تي هڪ ڪميٽي جوڙي آهي .عدالت ۾ نوٽيفڪيشن پيش ڪيو ويو .عدالت ۾ خواجا اظهار الحسن چيو ته سنڌ حڪومت اهڙن آفيسرن تي ڪميٽي جوڙي آهي، جنهن کي اصلي ۽ جعلي ڊوميسائل ۾ فرق نظر ٿو اچي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.