شگر انڪوائري کان اڳ ٻن جاچ يونٽن جهانگير ترين جي جاسوسي ڪئي

اسلام آباد ( م ڊ )  پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين جي ويجهن  ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته شگر انڪوائري کان اڳ حڪومت جي  ٻن جاچ  يونٽن جهانگير ترين، سندس خاندان ۽ ڪاروبار بابت جاسوسي ڪئي، جنهن بعد هن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي. جهانگير ترين جي ويجهن ذريعن موجب  وزير اعظم جي آس پاس اهڙا ماڻهو موجود آهن، جن عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري جهانگير ترين وچ ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي ڪري معاملا خراب ٿي ويا، رابطو ڪرڻ تي احتساب بابت وزير اعظم جي خاص معاون شهزاد اڪبر  حيرت جوا ظهار ڪندي انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ کانپوءِ نامزد ماڻهو سپريم ڪورٽ ويا، پر پنهنجو ڪيس ثابت نه ڪري سگهيا، وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ هو ته جهانگير ترين پي ٽي آءِ جي ترقي ۽ ان کي  حڪومت ۾آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.