ميان مٺو تي هندو نارين کي زبردستي مسلمان ڪرڻ جو الزام

ڏهرڪي (ت ر) اڳوڻي ايم اين اي ميان مٺو تي هندو ڇوڪرين کي زبردستي مسلمان ڪرڻ واري الزام خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن دائر  ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، سينيٽ ۾ اقليتي برادري بابت پارليماني ڪاميٽي جي چيئرمين انوار الحق ڪاڪڙ سکر ۾ هندو ناري کي زبردستي مسلمان ڪرڻ جاچ ڪئي، پوليس آفيسرن ۽ اقليتي برادري کان بيان ورتا ويا، جاچ ۾اڳوڻي ايم اين اي ميان مٺو کي نه گهرايو ويو، سينيٽر ميان مٺو خلاف رپورٽ ڏئي ڇڏي، رپورٽ ۾ ميان مٺو تي هندو ڇوڪرين کي زبردستي مسلمان ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو، هڪ ڌري رپورٽ ڏيڻ خلاف ميان مٺو سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن اڳوڻو ايم اين اي ميان مٺو ۽ ميان جاويد احمد ڏهرڪي پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته سينٽر انوار الله ڪاڪڙ سکر ڊي آءِ جي آفيس ۾ جاچ ڪئي جنهن کي جاچ ڪرڻ جو اختيار پڻ ناهي، جاچ ۾ پوليس آفيسرن ۽ اقليتي برادري کي گهرائي بيان ورتا ويا جڏهن ته اسان کي نه گهرايو ويو، قتل جي جوابدار جو به بيان ورتو ويندو آهي، پر منهنجي خلاف سينيٽر هڪ ڌري رپورٽ تيار ڪري حڪومت حوالي ڪري ڇڏي آهي، منهنجي مٿان وڏو الزام لڳايو ويو، اهو الزام منهنجي مٿان نه پر پاڪستان جي مٿان الزام لڳايو ويو آهي.

ميرپورماٿيلو ۾ اغوا ڄاڻايل لھري ٻائي جي وارثن جو مظاهرو

ميرپورماٿيلو (ن ع آ)  چار ڏينھن اڳ ڏھرڪي جي ڀرچونڊي شريف ۾ مبينا طور مسلمان ٿيل سيٺارجا جي رھواسڻ لھري ٻائي مارواڙي  عرف نور فاطمه جي وارثن  ميرپور ماٿيلي ۾ عوامي آواز آفيس پھچي نياڻي جي مبينا اغوا ۽ زبردستي مذھب مٽائڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي عورت جي ماءُ ڦولي ٻائي زال مرحوم لوڻيو جي مارواڙي ڀاءُ  ڪرشن جي، ڀيڻ ڪجل ٻائي ۽ ٻين دانھيندي چيو ته  جوابدارن اختيار، مختيار ۽ ٻين  سندن نياڻي کي اغوا ڪري  ڀرڇونڊي شريف پھچايو، جتي ميان مٺو وارن کيس زبردستي مسلمان ڪري قيد ڪري ڇڏيو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته سندن نياڻي  لھري ٻائي کي واپس ڪرايو وڃي. ان سلسلي ۾ ميان عبدالحق عرف ميان مٺو ۽ ميان جاويد سان رابطو نه ٿي سگھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.