فواد چوڌري ڪڻڪ ۽ کنڊ بحران جو ذميوار حڪومت کي ئي قرار ڏئي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري انڪشاف ڪيو آهي ته ڪڻڪ ۽ کنڊ بحران جو اصل سبب حڪومت جون پنهنجون ڪوتاهيون به آهن.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته وفاقي ڳڻپ واري اداري حڪومت کي غلط انگ اکر ڏئي چيو ته ڪڻڪ ۽ کنڊ جي پيداوار اسان جي گهرج کان وڌيڪ آهي، تنهن ڪري انهن کي برآمد ڪيو وڃي.

سندس موجب حڪومت برآمد ته ڪري ڇڏي پر هاڻ اسان کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ڊيٽا جي غلطي سبب ڪڻڪ ۽ کنڊ جي برآمد جو فيصلو ڪيو ويو، ڪڻڪ ۽ کنڊ بحران جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، عمران خان کان وڌيڪ مهانگائي تي ڪنهن کي ڳڻتي ناهي، وزيراعظم کي سخت احتساب جو عمل شروع ڪرڻ گهرجي.

هن وڌيڪ چيو ته وڏي وقت کانپوءِ اهڙو ماحول ٺهيو آهي ته حڪومت اپوزيشن جي جلسن ۾ مداخلت نه پئي ڪري، حڪومت جلسا روڪڻ لاءِ ڪا ڪارروائي نه ڪئي پر جتي ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ٿيندي، اتي ته ڪارروائي ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.