سنڌ ۾ هڪ مهيني دوران سوين شاگرد ڪورونا وائرس جو شڪار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ گذريل هڪ مهيني دوران 555 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي.

صوبائي صحت کاتي طرفان جاري ڪيل هڪ رپورٽ موجب تعليمي ادارن ۾ ان عرصي دوران 83209 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 555 جا نتيجا هاڪاري آيا.

صحت کاتي چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ اوڀر ضلعي جي تعليمي ادارن ۾ 88 ڪورونا ڪيس سامهون آيا، جڏهن ته سڀ کان گهٽ 10 ڪيس ملير ضلعي جي تعليمي ادارن ۾ سامهون آيا آهن.

رپورٽ موجب ڪورنگي ضلعي ۾ 77، ڏکڻ ۾ 33 ۽ اولهه ضلعي جي تعليمي ادارن ۾ 15 ڪورونا ڪيس سامهون آيا.

صحت کاتي موجب جن تعليمي ادارن ۾ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، انهن کي بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.