پاڪستان سٽيزن پورٽل تي زينب الرٽ ايپ لانچ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پاڪستان سٽيزن پورٽل تي زينب الرٽ ايپليڪيشن لانچ ڪري ڇڏي.

اسلام آباد ۾ زينب الرٽ ايپليڪيشن لانچ ڪرڻ جي تقريب ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، شيرين مزاري ۽ زينب جي پيءُ امين انصاري به شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي شيرين مزاري چيو ته پي ايم پورٽل تي ”ميرا بچه“ نالي سان الرٽ موجود هو، زينب الرٽ سڄي پاڪستان ۾ ڊي پي اوز سان سلهاڙيل آهي.

هن ٻڌايو ته زينب الرٽ پنجاب ۾ 36، ڪي پي ۾ 33، سنڌ ۾ 50 ڊي پي اوز سان لنڪ آهي، زينب الرٽ تي دانهن سان پوليس بنا دير ڪارروائي ڪندي.

سندس چوڻ هو ته اها ايپ استعمال ڪرڻ سان فيڪ الرٽ نه ٿي سگهندو، سٽيزن پورٽل ايپ 3 ملين پاڪستانين جي استعمال ۾ آهي.

شيرين مزاري چيو ته جلد هڪ نيشنل ڊائريڪٽري جوڙي ويندي، جيڪا ايڌي ۽ ٻين ادارن سان گڏجي ٻارن جي تحفظ تي ڪم ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.