5 منٽن ۾ نتيجو ڏيندڙ ڪورونا ٽيسٽنگ ڊيوائس تيار

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي سائنسدانن 5 منٽن کان به گهٽ وقت ۾ ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ جو نتيجو ٻڌائيندڙ طريقي ڪار ڳولي ورتو.

ان سلسلي ۾ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽيسٽنگ ڊيوائس جي وڏي پئماني تي تياري ايندڙ سال جي مُنڍ کان شروع ڪري سگهجي ٿي.

اها ڊيوائس مختلف وائرسز مان بنا دير ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ڪري وٺي ٿي.

ماهرن موجب جلد نتيجو ڏيندڙ ٽيسٽ کانپوءِ فضائي سفر ۽ ٻين صنعتن جو ڪم بنا خوف ۽ خطري جي ٻيهر هلي سگهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.