ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ويو ته حڪومت سخت قدم کڻندي: اسد عمر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ گذريل ڏينهن ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي 50 ڏينهن دوران بلند ترين سطح نوٽ ڪئي وئي آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اسد عمر چيو ته گذريل ڏينهن ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 2.37 سيڪڙو رهي، ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 50 ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، آخري ڀيرو ڪورونا مثبت ڪيسز جي اِها شرح 23 آگسٽ تي هئي.

وفاقي وزير چيو ته گذريل 4 ڏينهن جي دوران ڪورونا مان روزاني جي فوتگين جي شرح 11 آهي. اِهي سڀ ڪورونا جي ٻيهر وڌڻ جون نشانيون آهن.

اسد عمر وڌيڪ چيو ته مظفر آباد ۾ ڪورونا مثبت اچڻ جي شرح بلند ترين آهي، ان کان سواءِ ڪراچي ۾ به ان جي شرح وڌيڪ آهي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيس وڌي رهيا آهن، اِهو ئي موقعو آهي ته اسان سڀ ڪورونا کان بچاءِ جي لاءِ حفاظتي قدمن کي سنجيده وٺون، ٻي صورت ۾ حڪومت کي سخت قدم کڻڻا پوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.