پشاور هاءِ ڪورٽ جو ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار

پشاور(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ جي جسٽس قيصر رشيد هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته عوام کي ٻن وقت جي ماني ميسر ناهي ۽ وزير سڀ سٺو آهي واري رپورٽ پيا ڏين.

پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ اٽي جي اگهن ۾ واڌ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، خيبرپختونخواهه جو خوراڪ وارو سيڪريٽري، ڊپٽي ڪمشنر پشاور ۽ ٻيا سرڪاري آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران جسٽس قيصر رشيد ريمارڪس ڏنا ته مارڪيٽ ۾ اٽو 75 رپيا ڪلو ۽ ٽماٽا 200 رپيا في ڪلو پيا ملن، مهانگائي جي ڪري ماڻهن جا چلها بند ٿي چڪا آهن، غريب عوام کي 2 وقت جي ماني ميسر ناهي ۽ وزير سڀ سٺو آهي واري رپورٽ پيا ڏين.

جسٽس قيصر رشيد ريمارڪس ڏنا ته وزير هڪ ٻوٽو پوکي ٿو ته اخبارن ۾ وڏا وڏا اشهتار لڳي ويندا آهن، وزيرن جا اشتهار ته آهن پر اخبار ۾ اِهو اشتهار ناهن ڏيندا ته ڪٿي ڪٿي سستو اٽو پيو ملي، اسان کي ڪا به غرض ناهي ته ڪهڙو آفيسر ڪٿي آهي، اسان کي غرض رڳو ان سان آهي ته عوام کي سستيون شيون ملن، ايندڙ ٻڌڻي تي اسان کي رپورٽ پيش ڪيو، رپورٽ پيش نه ڪئي ته وڏي وزير ۽ خوراڪ واري صوبائي وزير کي طلب ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.