نواز شريف کان استعيفيٰ گهرڻ جي تصديق عمران خان پاڻ تقرير ۾ ڪئي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ اهي ته وزير اعظم عمران خان ڪنونشن سينٽر ۾ تقرير دوران  ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته نواز شريف کان استعيفيٰ گهري وئي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران اڳوڻي وزير اعظم ۽ ليگي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته معيشت تباهه ٿي چڪو آهي ۽ عوام تڪليف ۾ آهي، وزير مخالف ڌر کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن پر وزير اعظم اڄ تائين عوام جي پريشاني جي ڳالهه ناهي ڪئي، وزير اعظم اڄ تائين ناهي ٻڌايو ته کنڊ 110 ۽ اٽو 75 رپيا ڪلو ڇو آهي ۽ بل ٻيڻو ڇو ٿي ويا.

شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته نظام مفلوج ٿي چڪو آهي ان ڪري اسان ٻاهر نڪتا آهيون، سڀاڻي ڊيموڪريٽڪ موومنٽ جو پهريون جلسو ٿي رهيو آهي، انتظاميا رنڊڪون وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿي، نه ڪنٽينر ڪم ايندا ۽ نه رنڊڪون جڏهن ته مان ۽ مخالف ڌر جيل کان نٿي ڊڄي، فتح جمهوريت جي ٿيندي.

اڳوڻي وزير اعظم جو چوڻ هو ته اسپيڪر ۽ چيئرمين جو رويو تڪراري آهي، سڀاڻي سينيٽ جو اجلاس به گهرايو ويو آهي، ايجنڊا ڪا به ناهي، ڪهڙو اهم مسئلو هو جنهن جي لاءِ اجلاس گهرايو ويو، هي اُهو رويو آهي جنهن اڄ جمهوريت کي مفلوج ڪريڇڏيو آهي پر اسان جي تحريڪ انهيءَ جي خلاف آهي ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت قائم هجي. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي وزير اعظم پاڻ چيو ته فوج ۽ آءِ ايس آءِ حڪومت تي نظر رکي ٿي، وزير اعظم ڪنونشن سينٽر ۾ تصديق ڪئي ته نواز شريف کان استعيفيٰ گهري وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.