وائرس ۽ اينٽي باڊيز جي هولوگرام سان سڃاڻپ ممڪن

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ نت نوان وائرس، بيڪٽيريا ۽ اينٽي باڊيز سامهون ايندا رهندا آهن ۽ هاڻ نيويارڪ يونيورسٽي ۾ ماهرن جي هڪ ٽيم هولوگرافڪ تصوير سازي جو بلڪل نئون طريقو واضح ڪيو آهي جيڪو وائرس ۽ اينٽي باڊيز کي سڃاڻي طبي آزمائش ۾ مدد ڏئي ٿو.

اها تحقيق ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ طبيعيات جي مدد ورتي وئي آهي. پروفيسر ڊيوڊ گرائير جو چوڻ آهي ته فزڪس کي پهريان اهڙي طرح ڪڏهن به استعمال نه ڪيو ويو هو جنهن ۾ اسان حقيقي طور تي وائرس ۽ اينٽي باڊيز کي خاص داڻن تي چنبڻي ڏٺو آهي.

اها تحقيق سافٽ ميٽر نالي جرنل ۾ ڇپيل آهي ۽ ان کي بهتر بڻائي رڳو 30 منٽن ۾ انجام ڏئي سگھي ٿو. هڪ جهڙي طور وائرس (انفيڪشن) يا وري اينٽي باڊيز (اميونٽي) کي ڏسڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. ان تحقيق ۾ نيويارڪ يونيورسٽي جي ٻين سائنسدانن به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. پر سڀني گڏجي ان هولوگرافڪ وڊيو مائڪرو اسڪوپي يا هولوگراف سڃاڻپ جو نالو ڏنو ويو آهي.

 ان ۾ سڀ کان اهم ڪردارسنهڙن موتين جو آحي جيڪي حياتياتي ڪيميائي عمل سان وائرس ۽ اينٽي باڊيز کي چنبڻائي وٺن ٿا ۽ پوءِ تبديلين کي هولوگرام ذريعي ڏسي سگھجهي ٿو.

هولوگرام نظام هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ 12 موتين جو جائزو وٺي سگھي ٿو يعني 20 منٽن ۾ هڪ هزار موتين سان چنبڙيل وائرس ۽ اينٽي باڊيز کي ڏسي سگھجي ٿو. اهو نظام مڪمل طور اعتماد جوڳو ۽ انتهائي گھٽ خرچ آهي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان ۾ خاص اوزار “ايڪس سائيٽ“ استعمال ٿوي آحي جنهن کي پاڻ ڊيوڊ ايجاد ڪيو آهي. ان نظام کي سولائي سان استعمال ڪري مختلف موتين کي خاص طريقن سان ڏٺو ويندو آهي.اميد آهي ته اها انقلابي ٽيڪنالوجي وائرس جي سڃاڻپ ۽ علاج ۾ مک ڪردار ادا ڪري سگھندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.