تشدد ذريعي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ذميوار حڪومت هوندي: احسن اقبال

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال چيو آهي ته پي ڊي ايم ملڪ کي بچائڻ نڪتي آهي، گوجرانوالا جلسو ڪامياب ۽ تاريخي هوندو.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته مون کي نارووال کان اطلاع وصول ٿي رهيا آهن ته انتظاميا رينجرز سان رابطو ڪري رهي آهي، اڳوڻو گهرو وزير رهيو آهيان ۽ ڄاڻان ٿو ته سول آرمڊ فورسز سياست کان مٿانهين هوندي آهي، اميد ته رينجرز ۽ سول آرمڊ فورسز کي ان سياسي تڪرار ۾ شامل نه ڪيو ويندو، جنهن سان ادارن جو وقار مجروح ٿئي.

هن چيو ته اميد ٿو ڪيان ته انتظاميا پرامن قافلن ۽ جلسن ۾ رنڊڪون نه وجهندي، ڇو ته ملڪ ان وقت انتشار کي برداشت نٿو ڪري سگهي، اسان پرامن جلسو ڪري رهيا آهيون ۽ تشدد ذريعي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جي ذميواري حڪومت تي هوندي.

سندس چوڻ هو ته اسان حڪومت جي پوليس گردي کان ڊڄڻ وارا ناهيون، پي ڊي ايم تحت سموريون جمهوري جماعتون گڏ آهن ته اسان پاڪستان کي بچائينداسين، اسان ملڪ کي آئين موجب هلائينداسين ته ان جو وڃايل مقام حاصل ٿي سگهي.

احسن اقبال چيو ته وزيراعظم جي ترجيح اپوزيشن جي ڪردار ڪشي ۽ ميڊيا ٽرائل ئي آهي،  عمران خان ۽ ان جا وزير، صلاحڪار ميڊيا تي اچي اپوزيشن خلاف ڪوڙا الزام هڻي رهيا آهن، حڪومتي وزيرن وٽ اپوزيشن خلاف ثبوت آهن ته عدالتن ۾ پيش ڪن.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته شهباز شريف، شاهد خاقان عباسي، حمزا شهباز، سعد رفيق، راڻا ثناءُ الله سميت ڪيترائي اڳواڻ جيل ۾ پنهنجا وارا ڪاٽي آيا آهن، هاڻ عمران خان ۽ ان جي ٽولي جو وارو آهي، هاڻ اهي ملڪ مان فرار ٿيندا، شگر مافيا جو احتساب ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.