ڀارت پنهنجي 4 جاسوسن جي آزادي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڀارتي هاءِ ڪميشن فوجي عدالت مان سزا مليل 4 جوابدارن جي آزادي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي.

ڀارتي هاءِ ڪميشن فوجي عدالت مان سزا مليل 4 جوابدارن جي آزادي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، ڀارتي هاءِ ڪميشن ۽ قيدين بيرسٽر ملڪ شاهه نواز نون جي ذريعي درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته ڀارتي قيدي برچو، بنگ ڪمار، ستيش بگ ۽ سونو سنگهه کي آزاد ڪيو وڃي.

درخواست ۾ موقف پيش ڪيو ويو ته لاهور جيل ۾ قيد 3 ڀارتي ڏوهاري ۽ ڪراچي جيل ۾ هڪ ڏوهاري کي پاڪستان ۾ جاسوسي ۽ دهشتگرد ڪارروائين تي سزا ٿي، جيل ۾ موجود ڀارتي قيدي پنهنجي سزا پوري ڪري چڪا، قانوني طور تي اهڙو ڪو به سبب ناهي جو هو جيل ۾ قيد رهن، سزا پوري ڪرڻ کان پوءِ قيدين کي جيل ۾ رکڻ آئين پاڪستان جي تحت ڏنل حقن جي ڀڃڪڙي آهي، قيدين کي آزاد ڪري واپس ڀارت موڪلڻ جي هدايت ڪئي وڃي ۽ قيدين کي انهن جي ملڪ ڀارت ۾ موڪلڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ جو حڪم ڏنو ڃي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواست سڀاڻي جسٽس محسن اختر ڪياني وٽ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.