راشد رباني جي لاڏاڻي تي پ پ جو 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي سينيئر اڳواڻ راشد رباني جي لاڏاڻي تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان راشد رباني جي لاڏاڻي تي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته 18 آڪٽوبر تي جلسو ڪارساز جي شهيدن ۽ مرحوم راشد رباني کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ ٿيندو.

هوڏانهن پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر به راشد رباني جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته راشد رباني جو لاڏاڻو وڏو صدمو آهي، سوڳوار خاندان سان ڏُک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.