مولانا اورنگزيب فاروقي تي حملي جي جوابدار جي ضمانت رد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ فرقيواراڻي واردات جي جوابدار جوهر حسين جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ۾ فرقيواراڻي واردات جي جوابدار جوهر حسين جي ضمانت واري درخواست تي ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي، جوابدار جي وڪيل موقف پيش ڪيو ته منهنجي اصل جو ايف آءِ آر ۾ نالو ناهي، ۽ پوءِ به 2014ع کان جيل آهي.

پراسيڪيوٽر جنرل بيان ڏنو ته ڪيس جي مرڪزي شاهد سميت 3 شاهدن جا بيان ٿي چڪا آهن، جوابدار ڪنهن واردات ۾ گرفتار ٿيو، جاچ دوران مذهبي اڳواڻ تي حملي جو اعتراف ڪيو.

جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏنا ته دهشتگردي ۽ منشيات جي ڪيسن ۾ ضمانت تي پيراميٽرز مختلف آهن، ڪراچي جون حالتون سامهون آهن، عدالت کي ريڪارڊ تي فيصلو ڪرڻو آهي، عدالتي فيصلي تي ڪير  ڪهڙي به راءِ ڏئي ان جي پرواهه ناهي، ٽرائل ڪورٽ ڪيس کي هلائي ختم ڪري. عدالت جوابدار جوهر حسين جي ضمانت واري درخواست رد ڪندي پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ کي ٽرائل ڪورٽ ۾ شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت کي ٽرائل کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.